سرڪاري زمينن تي غير قانوني آباديون اڏڻ ئي ڇو ڏنيون وينديون آهن؟

ملير ڪينٽ ويجهو سرڪاري زمين تان  قبضا ڇڏائڻ جي لاءِ هاڻي ٺهيل پڪين ۽ آبادين کي ڊاهڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي تنهن سان هڪ تمام وڏي انساني آبادي متاثر ٿي رهي آهي. ان ڏس ۾ رپورٽ آهي ته ملير ڪينٽ ويجهو گلشن رومي ۾ سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي ٽيون ڏينهن اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ڳري مشينري ساڻ ڪري قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ  آپريشن ڪيو ويو. ان آپريشن دوران متاثر رهواسين سخت رد عمل ظاهر ڪندي.پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪيو جنهن سبب سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. آپريشن جي نتيجي ۾ 8 اهلڪار  زخمي به ٿيا. جڏهن ته آپريشن دوران ڪچيون ۽ پڪيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون ۽ 10 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي 22 ايڪڙ سرڪاري زمين خالي ڪرائي وئي. چيو  پيو وڃي ته قبضا مافيا خلاف  ملير جي مختلف علائقن ۾ آپريشن جاري رهندو.

ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ناجائز ۽ غير قانوني ڪم جي ڪير به حمايت نه ٿو ڪري سگهي پر سوال اهو  آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ناجائز  ۽ غير قانوني ڪم کي خراب  سمجهيو وڃي ٿو ته پوءِ حڪومتون يا مقامي ضلعي انتظاميا سرڪاري زمين تي  قبضو ڪرڻ ۽ غير قانوني طور تي اتي آباديون اڏڻ جي اجازت ئي ڇو ڏيندي آهي جو اڳتي هلي انهن کي بلڊوز ڪري عام ماڻهن جو  ناقابل برداشت نقصان ڪيو ويندو آهي.

هاڻي ملير جي  ضلعي انتظاميا کي سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ جو تڏهن خيال آيو آهي جڏهن عدالت غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي پر ضلعي انتظاميا شروع ۾ ئي اهي غيرقانوني آباديون ڇو ٺهڻ  ڏنيون هيون. ان جو جواب اهو آهي ته اسان وٽ بلڊر مافيائون انهن ناجائز  اڏاوتن لاءِ مقامي انتظاميا کي رشوت يا ڪميشن ڏئي کين خاموش ڪرائي ڇڏينديون آهن. ۽ حڪومتون مٿان وري انهن غير قانوني  آبادين کي بجلي، گيس، پاڻي ۽ روڊ جون سهولتون به ڏينديون آهن جڏهن ته کين خبر به هوندي آهي ته اهي غير قانوني آهن. سو سزا ته ان مقامي انتظاميا ۽ حڪومت کي ملڻ گهر جي جيڪي سرڪاري زمين  تي ناجائز اڏاوتون، مارڪيٽون ۽ آباديون اڏڻ ڏينديون آهن ۽ ان بلڊر مافيا کي سوگهو ڪرڻ گهر جي جنهن غيرقانوني طور اهڙيون ناجائز اڏاوتون ۽ آباديون ٺاهرايون ۽ آخر ۾ بلڊوز  ٿيڻ سان مالي نقصان وري انهن آبادين ۾ رهندڙ عام ماڻهن جو ٿيندو آهي.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته  حڪومت مقامي انتظاميا ۽ بلڊر مافيا کي سرڪاري زمين تي ڪرائڻ ۾ ملوث هئڻ گهرجي خلاف ڪارروائي ڪري مثال طور  جيئن رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ڏهه ارب رپين جي ماليت واري زمين هاڻي خالي ڪرائي وئي آهي ته عدالت اهي پيسا حڪومت ۽ بلڊر مافيا کان وصول ڪري انهن آبادين ۾رهندڙ ماڻهن ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏي ته جيئن سندن مالي نقصان نه ٿي سگهي پر هتي نقصان عام ماڻهن کي ئي رسايو ويندو آهي، قانون ۽ سختي به عام ماڻهن لاءِ هوندي آهي باقي اصل  بااثر  ڏوهارين کي بخش ئي ڪيو ويندو آهي جڪو  عمل مذمت جوڳو آهي.

هونئن ته عام ماڻهن کي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهي ناجائز غيرقانوني يا شڪي زمين تي نه پلاٽ وٺن ۽ نه ئي غيرقانوني  آبادين ۾ گهر وٺن پر هتي بلڊر مافيا ۽ اسٽيٽ ايجنسين وارا پنهنجي بزنس جي چڪر ۾ کين ڦاسائي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ جڏهن معاملو عدالت ۾ ويندو آهي ۽ عدالت مسماري جو حڪم جاري ڪندي آهي  ته پوءِ ڪنهن جو به وس ناهي هلندو پر عدالتن کي به سرڪاري زمين تي ٿيل  غيرقانوني اڏاوتن  جو حقيقي پس منظر ڏسڻ گهرجي ۽ ان روشني ۾ فيصلو ڪرڻ گهرجي ان کي عام ماڻهن جي مالي مفاد جو به سوچڻ گهرجي  ۽ انهن جو متبادل انتظام ڪرائي پوءِ اهڙين  آبادين کي ڊاهڻ جو حڪم ڏيڻ گهرجي .

  •  برسات سبب تباهه ٿيل روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي

اها سٺي ڳالهه آهي ته  پ پ سان تعلق رکندڙ  اڳواڻ مرتضيٰ  وهاب ۽ سعيد غنيءَ  هيلو ڪي چوماسي جي برسات وگهي ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل روڊن ۽ شاهرائن جي مرمت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ چيو آهي ته جيئن ئي برساتي موسم ختم ٿيندي ته ڀڳل ٽٽل  روڊن جي فوري مرمت ڪرائي ويندي. اسان سمجهون ٿا ته هاڻي  وقت اچي ويو آهي ته نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ جي ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت ڪرائڻ جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته خراب ۽ ڀڳل ٽٽل  روڊن ۽ ان  تي وهندڙ ۽ ڪني  پاڻي کي ڏسي ڪري هر ڪنهن جي ذهن تي خراب ۽ ناڪام حڪومت جو ئي تاثر جڙندو آهي.

سو حڪومت کي ڀڳل ٽٽل روڊن، شاهرائن، ۽ انهن تي بيٺل برساتي يا گٽرن جي پاڻي جو پاڻ ئي ان احساس وچان نوٽيس وٺڻ گهرجي ته ان سان سندن حڪومت ئي بدنام ٿيندي جيڪا ٿي به رهي آهي. اهڙن ڀڳل ٽٽل روڊن کي ڏسي ڪري حڪومت  جي مخالفن کي به هڪ موقعو ملي ويندو آهي. ان کان به وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته ڀڳل ٽٽل روڊن سبب،  ان عوام کي شديد  تڪليف ۽ اذيت رسندي آهي جنهن کين ووٽ ڏئي حڪومت ڪرڻ جو  موقعو ڏنو آهي. ڀڳل ٽٽل روڊن سبب عوام کي گاڏيون  هلائڻ ۾ تڪليف  سان گڏ آفيسن، اسڪولن ۽ ڪاروبار لاءِ وڃڻ ۽ اچڻ ۾ دير به ٿيندي آهي. ايمرجنسي جي حالت ۾ اهي ڀڳل ٽٽل روڊ اڃان اڃان وڌيڪ عذاب لڳندا آهن.

سو جيڪڏهن  پ پ حڪومت جيئن چئي ٿي ته اها روڊن جي مرمت ڪندي ته کيس ياد ڏيارجي ٿو ته اهو  ڀلو ڪم  فوري طور تي ڪرايو وڃي ته جيئن عوام نوان روڊ ڏسي پنهنجي تڪليف وساري ڇڏي ۽ حڪومت لاءِ به سٺو تاثر قائم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.