ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ قتل جي ڪيس کي منهن ڏيندڙ اسٽار ڪرڪيٽر ۽ عوامي ليگ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شڪيب الحسن پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ کانپوءِ ٻين رانديگرن سان گڏ واپسيءَ جو فيصلو ترڪ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ تاريخي ڪاميابيءَ کانپوءِ بنگلاديشي اسڪواڊ وطن واپسيءَ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ پهتي، بنگلاديشي رانديگر ۽ آفيشلز رات دير سان اسلام آباد کان ڪراچي پهتا هئا جتي هنن رات ڪراچيءَ جي هوٽل ۾ گذاري.
بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آفيشلز ٻن مختلف اُڏامن ذريعي وطن واپس روانيو ٿيا، بنگلاديشي ٽيم ڪراچي کان دبئي ۽ دوحا رستي بنگلاديش پهچندي.
ايئرپورٽ ذريعن موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن وطن واپس ناهي وڃي رهيو .
پاڪستان ۾ موجودگيءَ دوران شڪيب الحسن خلاف 22 آگسٽ تي ڍاڪا ۾ قتل جو ڪيس داخل ٿيو هو، بنگلاديشي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن اڳوڻي حڪمران پارٽي عوامي ليگ جو پارليامينٽ ميمبر هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن في الحال ڪراچي کان دبئي هليو ويو آهي، آل رائونڊر رات جو ٽيم کان الڳ ٿي اڪيلي ڪراچي کان دبئي لاءِ اُڏام ڀري.
ذريعن موجب، شڪيب الحسن جي بنگلاديش واپسي جو فيصلو عبوري حڪومت ڪندي.
Next Post
You might also like