اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه جي والد يوگراج سنگهه اڄڪلهه اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن تي تنقيد جي تير وسائي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ يوگراج سنگهه اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني تي الزام مڙهندي چيو هو ته ” ايم ايس ڌوني سندس پٽ جو ڪيريئر تباهه ڪيو، هو کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو.“
ان بيان کانپوءِ يوگراج سنگهه هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو 1983ع ۾ ڀارت جي عالمي ڪپ فاتح ڪپتان ڪپل ديو کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ”مان توکي اهڙي مقام تي آڻيندس جو دُنيا توکي ٿڪون هڻندي.“
يوگراج سنگهه جي تڪراري بيانن کانپوءِ سندس پٽ يوراج سنگهه جو به هڪ بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، يوراج سنگهه جو بيان گذريل سال نومبر ۾ ڏنل هڪ پوڊڪاسٽ جو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته سندس پيءَ ذهني مسئلن جو شڪار آهي پر هو اِها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، کيس ان مسئلي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي پر هو اِهو مڃڻ لاءِ به تيار ناهي.
ياد رهي ته يوگراج سنگهه ۽ ڪپل ديو جا لاڳاپا 1981 کان خراب آهن، يوگران سنگهه ڀارت طرفان هڪ ٽيسٽ 6 هڪ ڏينهن واريون ميچون پڻ کيڏي چڪو آهي.