اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبليءَجي اڳوڻي ميمبر علي وزير جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ علي وزير کي پنجويهه هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.
ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي وزير جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ اڳوڻي ايم اين اي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
واضح رهي ته اڳوڻو ايم اين اي علي وزير هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ سندس خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل آهي.
You might also like