اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت بلوچستان عوامي پارٽي ( بي اين پي ) جي سربراهه اختر مينگل جي قومي اسيمبلي جي ميمبر طور استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، حڪومت اختر مينگل کي پرچائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي اعليٰ حڪومتي شخصيت جي هدايت تي جوڙي وئي آهي.
ذريعن موجب، راڻا ثناءُ الله وفد سان گڏ ڪجهه دير ۾ پارليامينٽ لاجز اختر مينگل سان ملاقات ڪندو، اختر مينگل کي پرچائڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان سندس ملاقات جو پڻ امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اختر مينگل کي راضي ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ اعجاز جکراڻي به شامل آهي.
Prev Post
You might also like