پشاور ۾ منڪي پاڪس جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر، انگ 4 ٿي ويو

پشاور  ( م ڊ ) پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيڻ سبب تازي ايمرجنسي کان پوءِ ڪيسز جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب متاثر شخص جو تعلق پشاور سان آهي، 47 ورهين جي شهري کي 29 آگسٽ بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي نشانين جي بنياد تي آئسوليٽ ڪيو هو جيڪو عرب ملڪن کان آيو آهي. ڊاڪٽر مختار ڀرت موجب ملڪ جي سمورن ايئرپورٽس تي اسڪريننگ  جو موثر نظام موجود آهي ۽ ايم پاڪس کان بچاءُ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن. هن ٻڌايو ته وفاق ۽ صوبا ملي ڪلوز ڪوآرڊينيشن ۾ آهيون. سمورن ضروري قدمن کي وقت تي يقيني بنائي رهيا آهيون، صحت  واري وزارت هر لمحي جي صورتحال مانيٽرنگ ڪري رهي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب گذريل ڏينهن ڪراچي کان رپورٽ ٿيندڙ ايم پاڪس جي شڪي شخص جو نمونو نيگيٽو آيو آهي، شڪي شخص کي بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي آئيسوليٽ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.