ڪارساز حادثي جي جوابدار نتاشا کي جيل ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ڪارساز حادثي ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ جي مارجڻ واري واقعي جي جوابدار لينڊ ڪروزر ڊرائيور نتاشا دانش هن وقت جيل ۾ آهي ۽ ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته نتاشا کي جيل ۾ وي آءِ پي سهولتون ۽ پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. ذريعن موجب نتاشا دانش کي عام قيدين بدران خاص وارڊ ۾ رکيو ويو آهي جيڪو ذهني صحت جي جاچ لاءِ مخصوص آهي. جوابدار جي وارڊ ۾ بيڊ، اي سي، فريج، اوون، چاڪليٽ ۽ واءِ فاءِ جون سهولتون موجود آهن. نتاشا آزاد قيدي بڻيل آهي جتي وڻي وڃي سگهي ٿي. ٻئي پاسي جيل اختيارين پاران کيس سهولتون ڏيڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.