حڪومت تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ آسو ٻائي جي اسڪول کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، درسي ڪتاب نه مليا

جهڏو( رپورٽ : اسحاق ساگر ڀٽي) سڄي زندگي تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ ڪنري لڳ ڳوٺ ميڻا جي ڍاڻي سان تعلق رکندڙ آسوٻائي ڪولهڻ چيو آهي ته تعليم کاتي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال انتهائي خراب آهي. هزارن جي تعداد ۾ اسڪول بند آهي. وڏي ڪوشش باوجود سندس اسڪول جي ٻارڙن لاءِ ٻن سالن کان وٺي کيس گهربل ڪتاب ناهن مليا، هوء پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن کان مدد وٺي اسڪول جي ٻارڙي لاءِ ڪتاب خريد ڪري ٻارڙن جي تعليم برقرار رکندي آئي آهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي آسوٻائي  چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تدريسي عمل جي بحران جو مک ڪارڻ ڳوٺن ۾ هزارن جي تعداد ۾ بند پيل اسڪول آهن ۽ جيڪي اسڪول کليل آهن. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي  ھجڻ باوجود تعليمي نظام بهتر نظر نٿو اچي. آسو ڪولهي سندس اسڪول بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته تعليم کاتي پاران سندس اسڪول کي ٻن سالن کان وٺي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن. گذريل سال به مون ڪنهن تعليم دوست ماڻهو جي مدد سان ٻارڙن جا ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪري ٻارڙن جو تعليمي عمل بحال رکيو.  جڏهن ته هن سال به مون پرڏيهه ۾ رهندڙ  کان ڪتابن جي خريداري لاءِ مدد گهري جنهن رقم موڪلي ۽ مون ڪتاب خريد ڪيا آهن. تعليم کاتو سندس اسڪول کي مڪمل طور نظرانداز ڪري رهيو آهي. ٻارڙن لاءِ درسي ڪتاب نه هئڻ ڪري اسان کي تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته هن لاڳاپيل تعليم کاتي جي عملدارن سان ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو هو. پر کيس پورا ڪتاب نه مليا. هن چيو ته اسان جو اسڪول هائير سيڪنڊري آهي. جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ٻار داخل آهن. جن ۾ 3 سئو ڇوڪرا ۽ 2 سئو نياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن. آسو ٻائي ڪولهي سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سڀ کان پهرين فوري طور تي اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ کي ختم ڪري غير حاضر استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ ٻهراڙين ۾ تعليم بابت سڄاڳي مهم شروع ڪئي وڃي. خاص طور تي نياڻين کي پڙهائڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.