اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پنجاب پوليس هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ميانوالي ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي شاباشي ڏني.
وفاقي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته عيسيٰ خيل ٿاڻي جي چيڪ پوسٽ تي مقرر پوليس جي جوانن بهادري سان 14 دهشتگردن کي ڀڄايو، رات جي اونداهي ۾ لڪي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي پوليس ڀرپور جواب ڏنو.
محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ پوليس جوانن جي پيشواراڻي صلاحيت ۽ بهادري ساراهه جوڳي آهي، هو دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس جي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪن ٿا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هميشه بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي، ملڪ مان هر قيمت تي دهشتگرديءَ جو خاتمو آندو ويندو.
You might also like