ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس ڪراچي مان گم ٿيل پنج شهرين جي پتو لڳائي بازيابي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي نينگري فروا ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي صوبائي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ڪراچي جي مختلف علائقن مان پوليس ڪارروائي ڪندي ناري سميت پنجن گم ٿيل شهرين کي ڳولي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.
پوليس رپورٽ موجب، گم ٿيل شهري خادم، حماد، عمير عزيز ۽ معيز گهر پهچي ويا آهن.
پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ناري تانيا پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.
عدالت گم ٿيل ناري سميت پنجن ڄڻن جي بازيابي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
عدالت نينگري فروا ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو ٻار گم آهي ته ان جي حالت ڏسو ۽ ٻار کي ڳوليو.
سرڪاري پراسيڪيوٽر چيو ته ڪجهه گم ٿيل ماڻهن جا خاندان پوليس سان رابطي ۾ نه آهن.
سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جا اڪثر خاندان جي آءِ ٽي جي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪندا آهن.
عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جو به پتو لڳايو وڃي جيڪي ڪيسن جي پيروي نه ڪري رهيا آهن.
عدالت چيو ته شهري مطيع الله ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ جديد ڊوائيس استعمال ڪيا وڃن، ڪورنگي، لانڍي، سچل، ايئرپورٽ ٿاڻي ۽ ٻين علائقن مان گم ٿيل شهري شامل آهن.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي صوبائي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
You might also like