بلوچستان جو مسئلو طاقت سان نه ڪڏهن حل ٿيو نه ئي ٿيندو

رپورٽن موجب ٽيون ڏينهن بلوچستان جي 10 ضلعن ۾ فورسز، ٿاڻن ۽ مسافر بسن تي حملا ڪيا ويا، ڊيرا غازي خان سان ملندڙ علائقي موسيٰ خيل ۾ 23 مسافرن کي بسن مان لاهي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيوويو. اڪثر مسافرن جو تعلق پنجاب سان هو. دهشتگرد حملن بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. رپورٽن موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان به جوابي ڪارروائي وئي جنهن ۾ 21 دهشتگرد مارجي ويا. 14 اهلڪار شهيد ٿيا. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ بلوچستان ۾ ٿيل تازي دهشتگردي بابت اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته دهشتگردي ڪندڙ ناراض بلوچ نه پر دهشت گرد آهن. اهڙو ئي موقف وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ به بيان ڪيو آهي.

اهو ته ٿيو بلوچستان جي اڄ جي مسئلي جو پيش منظر پر اهو ممڪن ئي ناهي ته ان پيش منظر جو ڪو پس منظر نه هجي. بلوچستان جي موجوده مسئلي جو هڪ تاريخي ۽ سياسي پس منظر پڻ آهي جنهن کي هر دور ۾ طاقت سان حل ڪرڻ جي غلط ۽ تباهه ڪن پاليسين بلوچستان سميت سڄي ملڪ کي متاثر ڪيو آهي ۽ان جي شروعات 1940ع واري ٺهراءُ کي پٺي ڏئي ڪري ”نظريه ضرورت“ تحت ملڪ کي هلائڻ سان ٿي ۽ ائين غير جمهوري طاقتن ذريعي ملڪ کي هلائڻ سان نقصان ئي نقصان پلئه پيو آهي.

پر اسان هميشه ان ڳالهه تي حيرت ۽ افسوس جو اظهار ڪندا رهيا اهيون ته پراڻن خراب، تلخ ۽ ناڪام ترين تجربن باوجود ملڪ جا واڳ ڌڻي سبق پرائڻ يعني سکڻ جو ڪو ارادو نه ٿا رکن ۽ غلطين مٿان غلطيون ئي ڪندا رهن ٿا. جنهن سبب بظاهر بلوچستان نورٽرن پوائنٽ تي پهتل نظر اچي رهيو آهي. ڪي مسئلا ۽ بحران بظاهر تمام وڏا نظر ايندا آهن پر جيڪڏهن حل تي اچجي ته ان کي سمجهڻ ۾ جيڪر هڪ سيڪنڊ به نه لڳي. پر هڪڙن سامراجي، سياسي ۽ اقتداري مفادن جي ڪري غير جمهوري طاقتن پنهنجي خسيس مفادن ۾ملڪ جو اهو مقدر بڻايو آهي جنهن ۾ هر مسئلي کي بظاهر طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن جو مطلب اهو سمجهڻ گهرجي ته اها صورتحال ئي شايد غير جمهوري طاقتن جي مفاد ۾ آهي.

اسان پهريون ته هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اها دهشتگردي ڀلي ڪهڙي به نالي ۽ شڪل ۾ ٿئي، اسان ان کي دهشتگردي ئي سمجهون ٿا. ڪنهن بس مان سڃاڻپ ڪري چونڊي مسافرن کي گولين جو کاڄ بڻائڻ به دهشتگردي آهي ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عدالتن، آئين ۽ قانون کان مٿانهن واردات به دهشتگردي آهي. هونئن ته پاڪستان جي هر مسئلي جو حل 1940ع واري ٺهراءُ ۾ آهي اڄ به ان تي عمل ڪيو وڃي، ان کي ملڪ جي آئين جي شڪل ڏني وڃي ته هن ملڪ جا سڀ مسئلا آئيني ۽ قانوني طور پاڻ مرادو حل ٿي ويندا. پر جيڪڏهن 1940ع واري ٺهراءُ کي رڳو 23 مارچ جي قومي ڏينهن تائين محدود ڪرڻو آهي ته پوءِ 1973 جي آئين تي هلڻ گهرجي ۽ ان جي روح پٽاندڙ جمهوري توڙي آئيني طريقي سان ملڪ کي هلائڻ گهرجي پر جيڪڏهن هن ملڪ کي نه 1940ع واري ٺهراءُ تحت هلائبو نه 1973ع جي آئين تحت هلائبو ۽ طاقت سان ملڪ کي هلائبو ته پوءِ ان جو نتيجو اهوئي نڪرندو، جيڪو نڪري رهيو آهي.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ کي جمهوري، آئيني ۽ قانوني طور طريقن سان هلائڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي، اهوئي مسئلي جو حل حل آهي پر هتي جمهوري حقن جي ڳالهه ڪرڻ کي ملڪ دسمني ۽ غداري سمجهيو ويو. اها پاليسي هونئن ته هر دور ۾ جاري رهي پر جنرل مشرف جي دور ۾ بلوچستان جي اشو کي تمام گهڻو خراب ڪيو ويو. سندس دور ۾ ماڻهن کي کنڀي گم ڪري چچريل لاش ڏيڻ۾ جو هڪ خوف ناڪ سلسلو شروع ٿيو ۽ آخر ۾ نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪري ڄڻ ته بلوچستان کي نورٽرن پوائنٽ تي آڻي بيهاريو ويو.

بعد ۾ جڏهن 2008ع ۾ پ پ جي حڪومت آئي ۽ آصف زرداري ملڪ جو صدر بڻيو ته هن ايندي ئي بحيثيت ملڪ جي صدر، بلوچستان سان ماضي ۾ ٿيل سڀني زيادتين تي نه رڳو معافي گهري پر بلوچستان جي خوش حالي لاءِ ”آواز حقوق بلوچستان“ پڻ شروع ڪيائين پر عملي طور پوءِ به ان ڏس ۾ اڳڀرائي نه ٿي ۽ ساڳي پاليسي برقرار رهي.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بلوچستان جي عوام کي پنهنجو سمجهيو وڃي ۽ ساڻ حڪومتي توڙي رياستي سطح تي پنهنجائپ وارو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته بلوچستان جي دهشتگردي جي اوٽ ۾ بلوچ حقن خلاف آپريشن ڪجي يا انهن ڌرين خلاف جيڪي مسنگ پرسنز جو ڪيس وڙهي رهيا آهن انهن ڌرين جي ظاهر ظهور نموني جدوجهد ٿي رهي آهي جيڪا عالم آشڪار آهي ماهه رنگ جي اڳواڻيءَ ۾ پرامن نموني ئي جلسا ۽ ڌرڻا ٿيا آهن، تنهن ڪري پرامن بلوچن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي اميد آهي ته نشانو بڻائڻ واري هاڻي غلطي نه ڪئي ويندي ۽ طاقت جو غلط استعمال نه ڪيو ويندو پر مسئلي جو سياسي ۽ جمهوري حل ڪڍيو ويندو ڇاڪاڻ ته طاقت سان نه ڪڏهن بلوچستان جو مسئلو پهريون حل ٿيو آهي نه ئي هاڻي ٿيندو. مسئلي جو حل صرف ۽ صرف سياسي، جمهوري ۽آئيني آهي جنهن ڏانهن آخرڪار وڃڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.