وچ اوڀر ڇڪتاڻ مان طالبان حڪومت ڊالر ڪيئن ڪمائي ورتا ؟

وچ اوڀر ۾هلندڙ ڇڪتاڻ مان طالبان حڪومت ڊالر ڪماڻ لڳي آھي.طالبان حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪجهه مسافر جهازن کي ايران بدران افغانستان جي رستي روٽ ڪرڻ سان 24 ڪلاڪن ۾ 265 جهاز افغانستان جي فضائي حدن مان گذرن ٿا.طالبان حڪومت بي بي سي کي ٻڌايو ته اهي افغان سرحد پار ڪرڻ واري هر اڏام لاءِ 700 ڊالر وصول ڪن ٿا، روزانو هزارين ڊالر ڪمائي رهيا آهن.

تازو نيوز ايجنسي رائٽرز رپورٽ ڪيو آھي ته ايران ۽ وچ اوڀر ۾ فضائي حدن جي عدم تحفظ سبب دنيا جون مختلف ايئر لائنز هاڻي افغانستان کي ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا ڏانهن وڃڻ لاءِ محفوظ آپشن سمجهن ٿيون.

طالبان حڪومت جي ٽرانسپورٽ ۽ هوائي پرواز واري وزارت  جي سربراھ امام الدين احمدي موجب "تازو انگن اکرن موجب، 24 ڪلاڪن ۾ 265 اڏامون  افغانستان مان گذريون آهن ۽ مختلف ڪمپنيون جهڙوڪ برٽس ايئر ويز، لوفٿانزا، ايئر آستانه، ايئر انڊيا، آمريڪي ايئر لائنز، بنگلاديش ايئر لائنز، سنگاپور ايئر لائنز انھن ۾ شامل آهن.

ياد رهي ته ٽي سال اڳ جڏهن طالبان افغانستان  جو اقتدار سنڀاليو ھو ته برٽش ايئر ويز، لفٿانزا ۽ سنگاپور ايئرلائنز افغانستان، ايشيا ۽ يورپ وچ ۾ پنهنجون اڏامون بند ڪري ڇڏيون هيون. ڪمرشل پائلٽ ۽ يورپ جي ڪاڪپٽ ايسوسيئيشن جي صدر ، اوٽن ڊي بروئن ، رائٽرز کي ٻڌايو. کيس تڪراري علائقن تان اڏامڻ پسند نھ آھي ڇاڪاڻ جو توھان واقعي نٿا ڄاڻو تھ ڇا ٿيڻ وارو آھي.ياد رهي ته ايئر لائنز، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن جي فضائي حدن کي خطرناڪ قرار ڏئي ٿي.

سن 2022 ۾ يوڪرين جنگ جي شروعات کان پوءِ اڪثر اولھھ جي اڏامن لاءِ روسي فضائي حدن جي بند ھئڻ سبب انهن مان ڪيترائي جهاز ايراني ۽ وچ اوڀر جي فضائي حدن مان گذرندا ھئا.

ٻيون ايئر لائنز جيڪي هن سال اپريل کان افغانستان ڏانهن پنهنجون اڏامون وڌائي ڇڏيون آهن انهن ۾ ترڪي ايئر لائنز، ٿائي ايئر ويز ۽ ايئر فرانس جو” ڪي ايل ايم“ گروپ شامل آهن.

KLM  گروپ جو چوڻ آهي ته ‘سيڪيورٽي ڄاڻ جي بنياد تي KLM ۽ ٻيون ايئر لائنز افغانستان کان صرف مخصوص رستن ۽ اونچائي تي پرواز ڪري رهيون  آهن.’تائيوان جي ايئر ايئر، جيڪا اٽڪل هڪ مهينو اڳ افغانستان جي فضائي حدن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ان جو چوڻ آھي تھ اها حفاظت واري موجوده بين الاقوامي صورتحال ۽ پرواز جي مشوري جي بنياد تي رستن جي چونڊ ڪندي آهي.

ايئر لائنز ڪنهن به ملڪ مٿان اڏامڻ لاءِ هڪ فيس ادا ڪندي آهي. جنهن کي ’اوور فلائيٽ في‘ سڏيو ويندو آهي.جيئن ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي زمين جا حق حاصل آهن، تيئن انھن کي پنهنجي فضائي حدن تي به حق حاصل آهن.اڪثر ملڪ هن فضائي حد کي غير ملڪي ايئر لائنز کي ڀاڙي تي ڏيندا آهن ۽ اهي ايئر لائنز ان ذريعي پرواز ڪري سگهن ٿيون.ڪجھ ملڪ ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول جون خدمتون پڻ مهيا ڪن ٿا. في جو ڪجھھ حصو انهن خدمتن لاءِ ھوندو آهي، پراھا  في ڪيتري آهي؟

مختلف ملڪ مختلف معيارن جي مطابق في مقرر ڪن ٿا. مثال طور، ڪينيڊا جي في جھازن جي وزن ۽ مفاصلي جي بنياد تي مقرر ٿيل آھي.آمريڪا صرف جهاز ذريعي ڪيل سفر جي مفاصلي جي بنياد تي اھا في مقرر ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ايئر لائنز وڌيڪ في کان بچڻ لاءِ ڊگها رستا وٺنديون آهن،مثال طور، يو ايس جي فضائي حد فلپائن تائين پکڙيل آهي، پر سمنڊ مٿان اڏامڻ زمين مٿان اڏامڻ کان سستو آهي. جيتوڻيڪ  پاڻي مٿان اڏامڻ جي قيمت گهٽ آهي،پر ان جي باوجود  ڪجهه ايئر لائنز اڃا تائين آمريڪا کي ادائيگي ڪرڻي پوندي آھي، چاھي اھا اڏام  صرف آسٽريليا کان جاپان تائين پرواز ڪري رهي ھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.