ٿوري به سمجهه هجي ها ته شادي نه ڪريان ها: سڪينا سمون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي اداڪارا، پرڊيوسر ۽ هدايتڪار سڪينا سمون چيو آهي ته جيڪڏهن هوءَ ماضيءَ ۾ اڄ جيتري سمجهه هجي ها ته بلڪل شادي نه ڪري ها.
سڪينا سمون ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگيءَ بابت تفصيلي گفتگو ڪئي.
اداڪارا ٻڌايو ته هو 6 ڀينرون آهن، امڙ نه رڳو سندن پرورش ڪئي پر سندن شاديون پڻ ڪرايون ۽ هوءَ به پنهنجي ماءُ جيان خوددار آهي.
سڪينا سمون چيو ته هن 16 ورهين جي عمر ۾ پاڪستان ٽيليويزن ( پي ٽي وي ) تان مختصر ڪردارن ذريعي اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ کيس آڊيشن کانسواءِ چونڊيو ويو هو.
ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته سندس امڙ کي يقين هو ۽ هوءِ چوندي هئي ته انسان کي هڪ ئي شادي ڪرڻ گهرجي ۽ سندس به اِها ئي سوچ آهي هر انسان کي هڪ ئي شادي ڪرڻ گهرجي.
سڪينا سمون مشورو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به طلاق يافته عورت جا ٻار آهن ۽ وٽس آپشن موجود آهي ته اِها ٻي شادي نه ڪري.
اداڪارا چيو ته ٻارن کي ويڳي پيءَ يا ماءُ جي سهاري نه ٿو ڇڏي سگهجي، جن ماڻهن کي ٻارن جي زندگي تباهه ڪرڻي آهي، اِهي ٻي شادي ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.