بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگرد ڪارروائين جا ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگرد ڪارروائين جا ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، موسيٰ خيل، بولان، مستونگ، لسٻيلي ۽ قلات ۾پيش آيل اٺ واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ڪيس دهشتگردي، قتل، قتل جي رٿا ۽ ٻين قلمن تحت داخل ڪيا ويا آهن.
سي ٽي ڊي ذريعن موجب، واقعا ڪالعدم تنظيم طرفان ڪيا ويا، ڪا به گرفتاري عمل ناهي آئي، مارجي ويل ماڻهن جا مڙهه سڃاڻپ کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي مڙهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا سان رابطو ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جي آڱوٺن جا نمونا نادرا ڏانهن موڪليا ويا آهن، ڪجهه دهشتگردن جا جسماني عضوا پنجاب فارنزڪ ليب موڪليا ويا آهن.
واضح رهي ته 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگرد جي هڪٻئي پٺيان حملن ۾ 37 ڄڻا مارجي ويا هئا.
بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي ۾ 21 دهشتگرد ماريا ويا جڏهن ته 14 جوان شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.