ڪراچي ۾ تيز برساتن جو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ رات کان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته اڄ رات کان ڪراچي ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، شهر ۾ برسات جو سلسلو ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن جاري رهندو.
هن ٻڌايو ته 28 آگسٽ کانپوءِ چوماسي سسٽم ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي ۽ ان دوران 150 ملي ميٽر تائين برسات پئجي سگهي ٿي.
چيف ميٽرولاجسٽ اهو به چيو ته لاهور ۾ اڄ شام ۽ سڀاڻي صبح تيز مينهن جو امڪان آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.