دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا ٽي کان ويهه آڪٽوبر تائين دبئي ۽ شارجا ۾ جاري رهندا، ميگا ايونٽ م روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ڇهه آڪٽوبر تي هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
ايونٽ ۾ ڏهن ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جڏهن ته گروپ بي ۾ ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ شامل آهن.
ايونٽ جي افتتاحي ميچ ميزبان بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان وومينز ٽيم پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات ٽي آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف شارجا ۾ شيڊيول ميچ سان ڪندي.
پاڪستان ٽيم ٻي ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف ڇهه آڪٽوبر تي دبئي ۾ کيڏندي، ٽِين ميچ يارنهن آڪٽوبر تي آسٽريليا ۽ گروپ مرحلي جي آخري ميچ 14 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي.
ايونٽ جا سيمي فائنل 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي دبئي ۽ شارجا ۾ ٿيندا، ايونٽ جو فائنل 20 آڪٽوبر تي دبئي ۾ شيڊيول آهي.
ياد رهي ته وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بنگلاديش ۾ شيڊيول هو پر بنگلاديش جي موجودا سياسي حالتن سبب ٽورنامينٽ گڏيل عرب رياستن منتقل ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي موجب، وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ يو اي اي منتقل ڪيو ويو آهي ته پر ايونٽ ميزباني بنگلاديش وٽ هئي هوندي.
Prev Post
You might also like