اڳوڻي وزيراعظم جو پٽ ڏچي ۾، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي اڳوڻي نائب وزيراعظم چوڌري پرويز الاهي جي پٽ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي لاهور جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪندي مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ سندس پاسپورٽ به ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو آهي.
ترجمان موجب، مونس الاهي سان گڏ ٻين ڇهن جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.
ان کان اڳ به عدالت مونس الاهي سميت نوَ جوابدارن جون ملڪيتون منجمد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.