اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مڪمل جاچ جون حقيقتون ثبوتن سان گڏ سامهون آڻينداسين.
وفاقي گهرو زير چيو ته دهشتگردي جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهي، دشمن رٿابندي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
محسن نقوي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري ٻارنهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
گهرو وزير چيو ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آهيان، امن برقرار رکڻ لاءِ اثرائتي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ويڙهه جاري رهندي، بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.
You might also like