اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي ايئر لائين ( پي آءِ اي ) کي خانگائڻ لاءِ نيلامي پهرين آڪٽوبر تي ڪرائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي جڏهن ته وزيراعظم نجڪاري شفاف بڻائڻ لاءِ بڊنگ ٽيليويزن تي سڌي ريت ڏيکارڻ جي هدايت ڪئي آهي.
فاروق ستار جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ نجڪاري معاملن بابت سيڪريٽري جواد پال پي آءِ اي جي نجڪاري پروگرام ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني.
جواد پال ٻڌايو ته پي آءِ اي جي نيلامي لاءِ ٻولي پهرين آڪٽوبر تي لڳائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته وزيراعظم نجڪاري شفاف بڻائڻ لاءِ بڊنگ ٽي وي تي سڌي ريت ڏيکارڻ جي هدايت ڪئي آهي.
جواد پال بريفنگ ڏيندي چيو ته پي آءِ اي جا 51 سيڪڙو کان وڌيڪ شيئرز وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شيئرز وڪرو جو مقصد اِهو آهي ته نئين اتنظاميا آپريشنل معاملن تي فيصلو ڪرڻ ۾ خودمختيار هجي.
سيڪريٽري موجب، ٽرانزيڪشن لاءِ 6 پارٽيون اڳواٽ ئي ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻ ڌرين کي پي آءِ اي جي صورتحال، اثاثن، روٽس سميت سمورن معاملن تي بريفنگ ڏني پئي وڃي.
نجڪاري ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمپني جي ملازمن کي ٽن سالن تائين رکڻ جي تجويز آهي، ٽن سالن کانپوءِ ڪمپني انهن ملازمن تي فيصلو ڪرڻ جي مجاز هوندي، جيڪڏهن ڪو ملازم پاڻ رٽائر ٿيڻ چاهي ته ٿي سگهي ٿو.
جواد پال وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي 2015 کان 2023 تائين چار سئو نوي ارب جو نقصان ڪيو جيڪو 3 ڏهائي 34 ارب ڊالر ٿئي ٿو، جڏهن ته گذريل سال پي آءِ اي جو نقصان جو ڪاٿو 75 کان 80 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.
You might also like