بنگلاديش هٿان ۡشڪست،محسن نقوي تي ڇتي تنقيد

ڪراچي، اسلام آباد (رپورٽر+م ڊ) بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي عبرتناڪ شڪست تي ملڪي سياسي قيادت سميت سوشل ميڊيا واهپيدارن جو سخت رد عمل اچي رهيو آهي جتي خاص طور تي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي ميمز ٺاهي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پي سي بي چيئرمين تي گورنر ڪامران ٽيسوري، اڳوڻي گورنر محمد زبير، فواد چوڌري سميت ٻين تنقيد ڪئي. سوشل ميڊيا واهپيدارن محسن نقوي تي پي سي بي جو ادارو تباهه ڪرڻ جو الزام هنيو. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير محسن نقوي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اهڙي ڪارڪردگي تي وزيراعظم شهباز شريف کي گهرو وزير ۽ چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کي وڌيڪ ذميواريون ڏيڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. هڪ واهپيدار شان مسعود جي مرڪندڙ تصوير تي لکيو ته کين ڪو شرم ناهي. غلام عباس لکيو ته 2021 ۾ بابراعظم 28 ڪيچ ڇڏيا،  امام الحق 12، فخر زمان 10، محمد رضوان 9، ۽ شاهين آفريدي 7 ڪيچ ڇڏيا. هڪ واهپيدار لکيو ته ڪهڙو ادارو بچيو آهي جيڪو تباهه نه ٿيو هجي، ملڪ کي تباهه ڪرڻ وارا ڪڏهن جان ڇڏيندا؟ حسن عباس لکيو ته ذميوار شان مسعود، مئنيجمينٽ ۽ بالر آهن، اهڙا شرمناڪ منظر اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺا. هڪ واهپيدار لکيو ته سائين اوهان جو ويزن آهي. ان پوسٽ سان هن جيڪا ميم شيئر ڪئي ان ۾ شان مسعود ۽ شاهين آفريدي هٿ ملائيندي نظر اچن ٿا. ساڳيو ئي ٽويٽ فواد چوڌري به ڪيو. خيال رهي ته اها وڊيو اصل ۾ وزيراعظم ۽ رانا مشهود جي هئي جنهن ۾ هو ارشد نديم جي گولڊ ميڊل کٽڻ تي شهباز شريف کي مبارڪون ڏيندي چئي رهيو هو ته سر اوهان جو ويزن آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.