فيض حميد پاران ثاقب نثار کي ٻه لگزري گاڏيون تحفي ۾ ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد پاران اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ سندس پٽ نجم ثاقب کي ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيز جي گهر تي چڙهائي دوران ڦر ڪيل  ٻه لگزري گاڏيون تحفي ۾ ڏيڻ جو انڪشاف خبر موجب جنرل فيض حميد آءِ ايس آءِ سربراهه طور ڪنور معيز جي گهر تي رينجرز ذريعي چڙهائي دوران چار سئو تولا سون، ڪروڙين رپيا نقد،هيراجواهرات ۽ گاڏيون به لٽيون هيون، معاملو سپريم ڪورٽ  ۾ پهچڻ دوران ثاقب نثار ان ڪيس جي چئمبر ۾ ڪارروائي هلائي، ان دوران جنرل(ر)فيض حميد ڦر ڪيل ٻه لگزري گاڏيون ثاقب نثار ۽ سندس پٽ نجم ثاقب کي گفٽ ڪيون،معاملو جڏهن ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ آيو ته ثاقب نثار  هڪ گاڏي واپس ڪري ڇڏي ۽ بي گاڏي کي نجم ثاقب استعمال ڪندو رهيو،انڪوائري ٿي ته رينجرز اها گاڏي به واپس وٺي ڇڏي، فيض حميدکان جاچ ۾ گاڏيون ڏيڻ جي به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ جڏهن ثاقب نثار سان رابطو ڪيو ويو ته هو وري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيو ته پٽ توهان منهنجي موڪلن جا ڇو دشمن بڻيل آهيو؟ مون کي سڪون سان ڇو نٿا جيئڻ ڏيو؟ ان کانپوءِ هن فون ڪاٽي ڇڏيو، ٻئي پاسي جاچ دوران جنرل فيض حميد ۽ ٻين فوجي آفيسرن کان انڪشاف ٿيو آهي ته چڪوال ۾ فيض حميد جي فارم هائوس ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي ترسايو ويو هو، انهن ۾ سياسي اڳواڻ ۽ فوج سان لاڳاپيل ماڻهو شامل آهن،ٽيليفون رڪارڊ مان سموريون حقيقتون سامهون اچي ويون، جڏهن ته ڪورٽ مارشل دوران فيض حميد کي 9 مئي واقعن ۾ ملوث هئڻ ۽ سياسي سرگرمين بابت آرمي ايڪٽ تحت الڳ الڳ سزائون ڏنيون وينديون،الزام ثابت ٿيڻ تي فيض حميد کي موت جي سزا به ملي سگهي ٿي ان کان علاوه کيس سروس دوران ۽ پنهنجي پاران ٺاهيل اربين رپين جي جائيداد به ضبط ٿي سگهي ٿي جڏهن ته برگيڊيئر(ر) واصف پاران وڪالت ڪرڻ کانپوءِ فوج جي جيڪ برانچ مان ڪو به وڪيل جنرل فيض حميد جو دفاع ڪرڻ  لاءِ سامهون ناهي آيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 26 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.