حڪومت تاريخ مان سبق ناهي سکيو: قادر مگسي

سجاول (رپورٽ:شھباز حسن ميمڻ) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سجاول پهتو، جتي هن ايس ٽي پي سجاول اڳواڻ ممتاز لغاري سان سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.  ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ  ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين چيو ته بنگلاديش جهڙا واقعا حادثاتي نه آهن، اھڙا واقعا عالمي طاقتن جي مرضي ۽ ارادي سان طئي ٿيل ھوندا آھن. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت تاريخ مان سبق ناهي سکيو. هتي حڪمرانن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي اهي صرف پنھنجون مراعتون وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. بجلي، گيس جا بل ۽ مهانگائي عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. ماڻهو جيئڻ ئي وساري ويٺا آهن. حڪمرانن کي گهرجي ته سينيٽرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز جون مراعتون بند ڪن، سندن شاھ خرچيون ۽ عياشيون بند ڪيون وڃن. هن چيو ته جاگيرداراڻي سياست جو متبادل ٻيو جاگيردار نه پر ورڪنگ ڪلاس جا ماڻهو ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري هڪ جاگيردار مان جان ڇڏائي ٻئي جاگيردار کي آڻڻ بدران ورڪنگ ڪلاس جي ماڻهن کي چونڊڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.