سکر(رپورٽر)روهڙي واپڊا ڪالوني نيويارڊ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري 54 سالا الهڏتو ساکاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي اهڙو اطلاع ملڻ تي روهڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي روھڙي تعلقا اسپتال پهچايو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل الهڏتو ساکاڻي جو تعلق روھڙي جي علائقي ڳوٺ مصري خان ساکاڻي سان آهي جيڪو کير وٺڻ لاءِ آيو ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن قتل وارو واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي قتل ٿي ويل پيرسن کي 6 گوليون لڳل آهن آخري اطلاعن تائين واقعي بابت ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.