ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي 26 آگسٽ تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو،تعليم کاتي طرفان 26 آگسٽ تي سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي طرفان ڪيو ويو.ياد رهي ته چاليهي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا.
-
دبئي مان پاڪستان آيل مسافر ۾ منڪي پاڪس جي تصديق
اسلام آباد (م ڊ) نار جي ملڪ مان پاڪستان آيل وڌيڪ هڪ مسافر ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي آهي. پاڪستان ۾ هلندڙ سال منڪي پوڪس جو ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب پشاور ايئرپورٽ تي قائم هيلٿ ڊيسڪ مسافر کي علامتون ظاهر ٿيڻ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس منڪي پاڪس ٽيسٽ هاڪاري آئي. پبلڪ هيلٿ خيبرپختونخواهه جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ارشاد روغاني تصديق ڪئي ته نوشهره سان تعلق رکندڙ 47 سالن جو مريض دبئي مان پشاور پهتو هو.
-
پوليس پاران مارڻ جون ڌمڪيون، شهري هاءِ ڪورٽ پهچي ويو
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ شهري کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي اوڀر، ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ کي پڇاڻي جوڳا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ڌرين کي 30 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذار جي وڪيل منصف جان پنهنجي موقف ۾ چيو ته 19آگسٽ تي چوڪي جي انچارج منهنجي موڪل حبيب ولي کي فون ڪري چيو ته، ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ گهرايو آهي .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيئن ئي ٿاڻي تي پهتاسين ته ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ سج لٿي کان اڳ ڪراچي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني. ڊي ايس پي درخواستگذار حبيب ولي کي چيو ته جيڪڏهن سج لٿي کان اڳ ڪراچي نه ڇڏيو ته کيس جعلي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيندو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڊي ايس پي سهيل فيض خلاف قانون موجب ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته درخواستگذار کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
-
ڪراچي ۾ جوابدارن پاران ڇرين جا وار ڪري نوجوان قتل
ڪراچي( رپورٽر )سچل ٿاڻي جي حد سعدي ٽائون روڊ جي ڀرسان ڊي آءِ بي اسڪول لڳ نامعلوم جوابدارن ڇرين جا وار ڪري 28 سالن جي اسد علي ولد صدرالدين کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي حد سيڪٽر 11 ڀرسان فيضان امبيا مسجد لڳ گھر نمبر ايل 215 ۾37 ورھين جي عدنان پٽ شيخ خواجا پراسرار نموني خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف سيڪٽر 4 ۾ مسٽر ڪون آئسڪريم پارلر جي ڀرسان نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ سيد حسن ارسلان ولد سيد مقصود زخمي ٿيو آهي.