شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور شھر جي لکيدر ٿاڻي جي حد شاهي باغ وٽ زمين جي معاملي تان لهر برادري جي ٻن ڌرين ويرم لهر ۽ جونهر لهر وچ ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي،گوليون لڳڻ سبب ٽيڄڻا قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، مارجي ويلن ۾ ويرم لهر ڌر جا ٻه سڳا ڀائر پوليس اهلڪار نادر لهر سندس ڀاءُ مرزا ولد آدم لهر شامل آهن، جڏهن ته جونهر لهر جي ڌر جو شڪيل احمد لهر مارجي ويو آهي ۽ ويرم لهر ڌر جو تاج محمد سخت زخمي ٿيو آهي، پوليس موجب، زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن جو لهر برادري جي چڱي مڙس سهڻي خان لهر وٽ فيصلو ٿيو هو جنهن ۾ ويرم ڌر مٿان پنج لک چٽي پئي هئي، جنهن مان ويرم ڌر اڍائي لک ادا ڪيا ۽ بقايا رقم نه ڏيڻ تان جهيڙو ٿيو آهي، فوتين جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڌريون پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ٻڌايا پيا وڃن.