ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ايران بس حادثي ۾ فوت ٿيندڙ شهيدن جي وارثن لاءِ 50، 50 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ في شخص 10 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فوت ٿيندڙن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه بس حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 28 زائرين جي لاءِ 50، 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.