استري ٽو، اڪشي ڪمار ۽ جان ابراهم جي فلمن کي مات ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي شرڌا ڪپور، راج ڪمار رائو جي فلم ” استري ٽو “ اڪشي ڪمار ۽ تاپسي پنو جي فلم ” کيل کيل مين“ ۽ جان ابراهم جي فلم ” ويدا “ رليز ٿيون.
هڪ ئي ڏينهن ٽن وڏين فلمن جي رليز پرڊيوسرز لاءِ چئلينج بڻجي وئي هئي، پر ڪاروباري حوالي سان شرڌا ڪپور جي فلم ” استري ٽو، ٻاقي ٻنهي فلمن کان اڳتي نڪري وئي آهي.
استر ٽو هينئر تائين مجموعي طور تي 283 ڪروڙ ڀارتي رپين جي ڪمائي ڪري چڪي آهي.
فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي ڳوٺ جي چوڌاري ڦري ٿي جتي هڪ عورت جو روح رات ٿيندي ئي ڪنهن تهوار جي موقعي تي مردن تي حملو ڪري ٿو.
واضح رهي ته ڪاميڊر ۽ هارر فلم استري ٽو ۾ اداڪارا شرڌا ڪپور، راج ڪمار رائو، پنڪج ترپاٺي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي استري ٽو کانسواءِ اڪشي ڪمار جي فلم کيل کيل مين ۽ جان ابراهم جي ويدا به رليز ٿي، پر ٻئي فلمون باڪس آفيس تي سٺو بزنس نه ڪري سگهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، کيل کيل ڀارت ۾ هنيئر تائين 16.90 ڪروڙ جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ ست ڪروڙ ڀارتي رپين جو بزنس ڪيو آهي، فلم جي مجموعي ڪمائي 23.90 ڪروڙ رپيا آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب2021 ۾اڪشي ڪمار جي فلم سوريا ونشي کانپوءِ ايندڙ فلمون مان ڪا به باڪس آفيس تي ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي، سوريا ونشي کانپوءِ اڪشي ڪمار جو اٺ فلمون رليز ٿي چڪيون.
اڪشي ڪمار کانسواءِ جان ابراهم جي ويدا به باڪس آفيس تي گهڻو نه ڪمائي سگهي، 15 آگسٽ تي رليز ٿيل فلم هنيئر تائين ڀارت ۾ 16.60 ڪروڙ جڏهن ٻين ملڪن ۾ 2.4 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي.
ويدا ۾ جان ابراهم سان گڏ تمنا ڀاٽيا مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.
استري بالي ووڊ جي پنج ڪامياب ترين فلمن شامل
باڪس آفيس تي بهترين ڪاروبار ڪندڙ پنج ڀارتي فلم ۾ سرفهرست شاهه رخ خان جي گذريل سال رليز ٿيندڙ فلم جوان آهي.
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم جوان رليز جي پهرين ڏينهن 75 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا، ساڳي ئي سال شاهه رخ خان مداحن کي هڪ ٻي بلاڪ بسٽر فلم پٺاڻ ڏني هئي.
باڪس آفيس تي ٻي وڏي فلم شرڌا ۽ راج ڪمار رائو جي استري آهي جنهن رليز جي پهرين ڏينهن ڀارت ۾ سٺ ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪيو آهي.
باڪس آفيس تي ٽئين نمبر تي شاهه رخ ۽ دپيڪا پاڊڪون جي فلم پٺان آهي جنهن پهرين ڏينهن ڀارت ۾ 55 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪوي هو.
ان فهرست ۾ ريتڪ روشن ۽ ٽائيگر شروف جي فلم وار چوٿين نمبر تي آهي، 2019 ۾ رليز ٿيل فلم پهرين ڏينهن 53.35 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا.
عامر خان ۽ اميتاڀ بچن جي فلم ٺگز آف هندوستان 2018 ۾ رليز ٿي جنهن اوپننگ جي ڏينهن ئي رڳو ڀارت ۾ 50.75 ڪروڙ رپيا ڪمائي ڪري پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن ۾ پنجون نمبر ماڻيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.