190 ملين پائونڊ ڪيس، عمران خان جي درخواست تي ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلي کان روڪيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي 190 ملين پائونڊ ڪيس بند ڪرڻ جي نيب جي پراڻي فيصلي جي رڪارڊ فراهمي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ڊويزن بئنچ پي ٽي آءِ باني جي 190 ملين پائونڊ ڪيس بند ڪرڻ جي نيب جي پراڻي فيصلي جي رڪارڊ فراهمي جي درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي.
سلمان اڪرم راجا، عارف علوي، شبلي فراز، علي محمد خان، اعظم خان ۽ ٻيا به عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا.
وڪيل سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ باني خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي جاري آهي، 35 شاهد ٿي چڪا، آخري شاهد تي آڏي پڇا جاري آهي، 8 جوابدار آهن، جن مان 6 اشتهاري آهن ۽ ٻن زال مڙس خلاف ڪيس جاري آهي.
هن چيو الزام اهو آهي ته پٽيشنر جڏهن وزيراعظم هو ته 190 ملين پائونڊ بابت سهولت فراهم ڪيائين، نيب جو ڪيس آهي پئسا بئنڪ ۾ اچڻا هئا پر سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ آيا، ريفرنس ۾ آهي ته القادر ٽيسٽ ڪيس فعال آهي، هي گهوسٽ پراجيڪٽ ناهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٽرسٽ رجسٽرڊ آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ها، عدالت چيو اسان وٽ ڪيس آهي هي ٽرسٽ رجسٽرڊ ته ناهي، جنهن تي سلمان صفدر چيو ته مان ان حوالي سان معلوم ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي آگاهه ڪندس.
وڪيل چيو ته يونيورسٽي جي نالي جاءِ گفٽ ڊيڊ هئي، پهرين ڊسمبر 2023 تي ريفرنس داخل ٿيو ۽ 27 فيبروري چارج فريم ٿيو، 35 شاهدن جا بيان ٿي چڪا، باقي غير ضروري قرار ڏئي ڪڍيا ويا، هن وقت آخري شاهدن تي آڏي پڇا جاري آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته اها زمين تحفي ۾ ڪڏهن ڏني وئي؟ جنهن تي سلمان صفدر ٻڌايو ته 2019 ۾ زمين يونيورسٽي لاءِ گفٽ ٿي.
سلمان صفدر چيو اسان ٽرائل ڪورٽ ۾ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ ميٽنگ جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جي درخواست ڏني، ٽرائل ڪورٽ رڪارڊ طلب ڪرڻ جي اسان جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ٽرائل جج درخواست رد ڪرڻ جا حيران ڪندڙ ڪارڻ لکيا، جج لکيو ته جاچ آفيسر ان رڪارڊ جو لکڻ وارو يا ڪسٽوڊين ناهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇيو توهان ڪيتريون درخواستون داخل ڪيون؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته رڳو اها ئي درخواست داخل ڪئي آهي، اسان جاچ آفيسر تائين ڪيس جو ٽرائل موڪلن ۾ ڪري ورتو آهي، ٽن هفتن ۾ مون کي خبر پئي ته اهو ڪيس بند ٿي چڪو آهي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان جو اهو مسئلو آهي ته ٽرائل ڪوئي ڪري رهيو آهي، هاءِ ڪورٽ ڪوئي ايندو آهي، سپريم ڪورٽ ٻيو ويندو آهي، وڪيل چيو ته اسان تي وڏو بار آهي، هاڻ به هڪ ڪيس ڪري اچي رهيو آهيان.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان سرور سنڌو ڪيس پڙهيو آهي، جنهن تي سلمان صفدر جواب ڏنو ته اها ججمينٽ اسان جي موقف جي تائيد ڪري ٿي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو پي ٽي آءِ باني جا وڪيل دير جا حربا استعمال نه ڪن نه ته ٽرائل ڪورٽ کي فيصلو ڏيڻ کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺنداسين، حتمي فيصلي تي اسٽي آرڊر واپس وٺي ٽرائل ڪورٽ کي جلد کان جلد فيصلي جو حڪم ڏينداسين.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيندي نيب کي اربع تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ اهو به چيو ته ڪيس جو ٽرائل جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.