لاهور ( ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن لاهور مان اغوا ٿيل يوٽيوبر عون علي کوسو بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي.
پوليس عون علي کوسي جي بازيابي جي تصديق ڪري ڇڏي، عون کي 15 آگسٽ جي رات سندس گهر مان اغوا ڪيو ويو هو.
يوٽيوبر جي اغوا جو ڪيس سندس گهرواري جي فرياد تي داخل ڪيو ويوهو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڏهه کان پندرنهن هٿياربندن دروازو ڀڃي عون کوسي کي اغوا ڪري ويا آهن.
ياد رهي ته يوٽيوبر پنهنجي طنزيه وڊيوز ۽ موجودا حڪومت تي تنقيد جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي شهرت رکي ٿو.
Next Post
You might also like