ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف ميٽرولوجسٽ 26 يا 27 آگسٽ تي ڪراچي ۾ برسات جو امڪان ظاهر ظاهر ڪيو آهي.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب، ڪراچي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران موسم جهڙالي رهڻ، بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
سردار سرفراز ٻڌايو ته برسات سبب ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ سنڌ مان نڪري چڪو آهي، جڏن ته 21 کان 22 آگسٽ دوران اتر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولوجسٽ موجب، 26 يا 27 آگسٽ تي چوماسي جو هڪ ٻيو اسپيل سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ان دوران چوماسي جو سسٽم ڪراچي ۽ مختلف شهرن ۾ اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
You might also like