فيض کانپوءِ ڪنهن جو وارو؟ باجوا،ظهيرالاسلام،آصف غفور به گرفتار ٿيندا؟

اسلام آباد(عبدالقدوس)جنرل فيض حميد جي گرفتاري نوراڪشتي آهي؟ جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه اڳوڻا آرمي چيف،آءِ ايس آءِ جا اڳوڻا سربراهه گرفتار ٿي سگهن ٿا، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جو جنرل قمر جاويد باجوا،جنرل ظهير الاسلام ۽  جنرل آصف غفور سان ويجهو تعلق آهي، جيڪڏهن پلان بي تي عملدرآمد ڪيو ويو ته دير يا سوير انهن جنرلن ۾ به هٿ وجهي سگهجي ٿو،ذريعن موجب نوازشريف مطالبو ڪيو آهي ته انهن جنرلن کي به گرفتار ڪيو وڃي ان سان گڏ عمران خان حامي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي،پلان اي اهو آهي ته عمران خان کي اسٽريٽ پاور يا عدليه ذريعي اقتدار ۾ 10 سالن لاءِ آندو وڃي،پلان ڪامياب ٿيو ته پاڪستان جا ڀارت ۽ آمريڪا سان لاڳاپا گهٽ ٿيندا ۽ چين سان گهٽ ٿيندا،پلان بي ۾ نواز ليگ، پ پ،آرمي چيف،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شامل آهن ان ذريعي به ايندڙ 10 سالن تائين حڪومت جاري رهندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 19 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.