اسلام آباد(زاهد گشڪوري)جنرل فيض حميد تي الزام آهي ته هن 2024ع جي اليڪشن ۾ به مداخلت جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن جي شڪايت اليڪشن ڪميشن دفاع واري وزارت کي ڏني هئي، جڏهن ته اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته فيض حميد اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال پاران جنسي طور هراساني جو شڪار ٿيل طيبه گل کي عمران خان جي دور ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قيد ڪيو هو،طيبه گل جي خانداني ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي،طيبه گل جڏهن انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ وئي هئي تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار سندس الزام رد ڪندي کيس انصاف ڏيڻ کان انڪار ڪيو.