برسات متاثر علائقن ۾ امدادي سامان روانو، ايم اين وي ڊرين،سکر بئراج ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي نگراني جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ تيز برسات بعد سنڌ حڪومت پاران برساتي هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اجلاس ۾ ڳالهائيندي حڪم ڏيندي چيو تھ سکر، دادو، جيڪب آباد ۽ نوشھرو فيروز  101 کان 247 ملي ميٽرز تائين مينھن  وسيو آھي، جنھن سان روڊ ۽ گھٽيون ٻڏي ويون آھن. وڏي وزير حڪم ڏيندي چيو تھ شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ برسات جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن۽ مڪاني ادارا ۽ ضلعي انتظاميا سموري سرڪاري مشينري کي ٻاھر ڪڍي برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي، آبپاشي کاتو پيٽرولنگ وڌائي تھ جيئن بئراجن ۽ واھن کي گھارو پوڻ کان بچائي سگھجي. ھن اھا ڳالهه  آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ صوبي ۾ برسات بابت اعليٰ سطحي ھنگامي اجلاس ۾ ڏنيون،  اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاھھ، سعيد غني، مشير نجمي عالم، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي  اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ڪمشنرن جي رپورٽن مطابق سکر ۾ 247، دادو ۾ 181، جيڪب آباد ۾ 104، خيرپور ۾ 101 ۽ نوشھرو فيروز ۾ 69 ملي ميٽرز مينھن وسيو آھي جيڪو تمام گھڻو آھي.  وڏي وزير کي آگاھي ڏيندي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو تھ سموري سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي چوڪس ڪيو ويو آھي ۽ مينھن کان متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن لاءِ سموريون ضروري گھرجون پوريون ڪيون ويون آھن.  نقصانن بابت آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو ته 21 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 48 گھرن کي نقصان پھتو آهي ۽ پنجن مينھون مري ويون آھن. ڊي جي (پي ڊي ايم اي) ٻڌايو تھ 26 ھزار 15 خيما، 80 هزار 750 مڇر دانيون، 25 هزار 650 چٽايون، 12 هزار 3 سئو ڪاٽن جا گدا، 12 هزار 900 دريون، 7 هزار 700 هاءِ جين ڪٽ ۽ 25 هزار جيري جين سامان برسات متاثر علائقن ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو ڪمشنر حيدرآباد سان رابطي ۾ آھي ۽ ڪنهن به ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي چوڪس ڪيو ويو آھي. اجلاس ۾ سمورن ضلعن جي ڊي سيز حيسڪو ۽ سيپڪو پاران کان بجلي بندش جي شڪايت ڪئي جنھن تي وڏي وزير ھدايت ڏيندي رٿا بندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي چيو تھ بجليءَ جي ڪمپنين سان ڳالھائي وڏي وزير هدايت ڪئي ته سکر بيراج جو چيف انجنيئر ۽ چيف ڊرينيج انجنيئر چوڪس رھن آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سندس ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو وٺي رھيو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايم اين وي ڊرين ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي پڻ نگراني ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.