عوامي تحريڪ پاران برسات متاثرن جي فوري واهر جو مطالبو

حيدرآباد (پ ر)  عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي، قمبر_شهدادڪوٽ، نوابشاهه، سجاول، ميرپور خاص ۽ ڄامشورو ضلعن جي آرگنائزنگ ڪميٽين جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا. اجلاسن ۾ ضلعن، تعلقن ۽ يونين ڪميٽين جي انٽرا پارٽي اليڪشن جي رٿابندي ڪئي وئي، ضلعن جون اليڪشن  ڪميٽيون جوڙيون ويون. لاڙڪاڻي ضلعي جو اجلاس ذوالفقار ميراڻي، نوابشاهه جو اجلاس امتياز ڏاهري، سجاول ضلعي جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اجلاس عزيز ميمڻ، . ميرپور خاص  ۾ مختيار خاصخيلي، قمبر شهداد ڪوٽ ۾ محبوب رڪ راهوجو، ڄامشوري ۾ مصطفى رانجهاڻي  جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاسن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته برسات متاثرن جي واهر لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. آبپاشي کاتي ۽ واپڊا جي نااهلي سبب پاڻي هيٺ آيل فصلن جو آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. پاڻي جا رستا روڪي هٿرادو ٻوڏون ۽ ڏڪار آڻڻ کي آبي دهشتگردي قرار ڏيندي اڳواڻن چيو ته نون ڪينالن جا منصوبا سنڌين جي نسل ڪشي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.