ڪراچي ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جو هڪ ٻيو واقعو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جو هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو آهي.
نارٿ ڪراچي ڪراچي ٽائون ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار جوابدار کي عورت سان نازيبا حرڪت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، وڊيو ۾ جوابدار جو چهرو به واضح طور ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽر سائيڪل تي جوابدار سان گڏ هڪ ٻارڙي به ويٺل آهي، 12 آگسٽ جي صبح پيش ايندڙ واقعي تي پوليس اڃا تائين جوابدار کي پڪڙن ۾ ناڪام آهي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.