ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي سسٽم تحت ڪراچي ۾ اڄ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب چوماسي سسٽم جو رُخ وچ علائقن، سنڌ جي مٿين علائقن ۽ بلوچستان ڏانهن ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ڪراچي ۽ هيٺين ضلعن ۾ تيز برسات جو امڪان تقريبن ختم ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سسٽم تحت ڪراچي ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اهو سسٽم 19 آگسٽ جي صبح تائين سنڌ تي اثرانداز رهي سگهي ٿو.
					You might also like
		
	
	
					 
			