ڪراچي ۾ 27 سيڪڙو والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليو خلاف خاص مهم جاري آهي ۽ ان حوالي سان هڪ انڪشاف به ٿيو آهي.
ڪراچي ۾ پوليو جي خاص مهم جي پهرئين ڏينهن 27 سيڪڙو والدين ٻارن کي ويڪسين لڳرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جديد ٽيڪنالاجي سان شروع ڪئي ويندڙ پوليو مهم 25 آگسٽ تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ٻارن کي اورل ويڪسينيشن سان گڏ آءِ پي وي فزيڪشن ڊوز به ڏنا پيا وڃن.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه صحت کاتي کي مهم وڌيڪ اثرائتي بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته پوليو موذي مرض آهي، جيڪو ٻارن جي سڄي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، پوليو خلاف مهم ۾ والدين ۽ سرپرست مڪمل سهڪار ڪن.
سندس چوڻ هو ته ڦڙا پيئارڻ کان انڪار جي ڪا گنجائش ناهي، انڪار تي والدين ۽ سرپرست خلاف ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.