دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي پلئيرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي ون ڊي پليئرز جي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم جو پهريون نمبر برقرار آهي ۽ ڀارتي ڪپتان روهت شرما هڪ درجو ترقي ماڻيندي ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
رينڪگ ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل هڪ درجو وڃائيندي ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي ۽ ويرات جي چوٿين پوزيشن برقرار آهي.
بيٽرز رينڪنگ ۾ آئرلينڊ جي هيري ٽيڪٽر هڪ درجو ترقي کانپوءِ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٻئي پاسي ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي پهرين ۽ جوش هيزل ووڊ جي ٻي پوزيشن برقرار آهي، ان رينڪنگ ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي بالنگ ۾ ٻه درجا ترقي ڪندين ستين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
آءِ سي سي جي ون ڊي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ افغانستان جي محمد نبي جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
You might also like