اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سڄي دنيا ۾ منڪي پاڪس جي وڌندڙ ڪيسن ۽ ڀارت ۾ زيڪا وائرس جي پکيڙ کانپوءِ بارڊر هيلٿ سروسز کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
اين سي او سي اختيارين چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي وڃي، منڪي پاڪس جي شڪي مريضن کي خاص وارڊن ۾ قرنطينه ڪيو وڃي.
اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ هيل تائين منڪي پاڪس جا 9 ڪيس سامهون آيا ۽ هڪ فوتگي ٿي چڪي آهي، پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا سمورا مريض عرب ملڪن مان آيا پر ملڪ ۾ منڪي پاڪس جي بيماري مقامي طور تي موجود ناهي.
اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ڀارتي شهر پوني ۾ زيڪا وائرس جا 80 کان وڌيڪ ڪيس ۽ ڪيتريون ئي فوتگيون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ زيڪا وائرس پکيڙيندڙ مڇر موجود آهي، آغا خان يونيورسٽي موجب 2021 ۽ 2022 ۾ ڪراچي ۾ زيڪا وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي هئي.
Prev Post
You might also like