عليم ڊار ڌيءَ جي لاڏاڻي جو دل ڌوڏيندڙ واقعو بيان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي انٽرنيشنل امپائر عليم ڊار ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي پنهنجي ڌيءَ جي لاڏاڻي جو دل ڌوڏيندڙ واقعو بيان ڪيو آهي.
عليم ڊار ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي زندگيءَ جي تلخ واقعا بيان ڪيا.
اڳوڻي امپائر ٻڌايو ته هو 2003 ۾ ورلڊ ڪپ جي ميچن لاءِ امپائرنگ ڪري رهيو هو، اِهو هڪ عالمي دورو هو ۽ سندس ڪيريئر جي شروعات هئي.
عليم ڊار موجب، ورلڊ ڪپ کي ٽي ڏينهن ٿيا هئا ۽ سندس نياڻي ستن مهينن جي هئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي، گهرڀاتين سميت زال به هڪ مهيني تائين مون کي اِها خبر نه ڏني هئي ڇو ته هو ڄاڻن پيا ته اِها منهنجي ڪيريئر جي شروعات هئي ۽ ڌيءَ جي لاڏاڻي جي خبر ڪيريئر متاثر ڪري سگهي پئي.
اڳوڻي امپائر چيو ته والد جي سخت هدايتن باوجود سيالڪوٽ جي هڪ همراهه اخبار ۾ منهنجي نياڻي جي لاڏاڻي جي خبر شائع ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ۾ هڪ شخص مون سان مليو چيو ته اوهان جي ڌيءَ جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته ان وقت مان ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچي چڪو هئس اِهو يادگار ايونٽ هو پر جڏهن مون اِها خبر ٻڌي ته پنهنجي زال کي فون ڪيو، هوءَ روئڻ لڳي ۽ خبر پئي ته ڌيءَ هڪ مهينو اڳ وفات ڪري وئي هئي ۽ مان فوري طور پاڪستان موٽي آيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.