عمران خان ۽ فوج  جي ويڙھ  ختم ٿيڻ گهرجي

تحرير: انصار عباسي

جيڪڏهن عمران خان فوج سان  پنھنجي ويڙهه تان هڪ قدم پوئتي هٽڻ چاهي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي. ان سلسلي ۾ هن جي حوصلھ  افزائي ڪرڻ گھرجي. ڪجهه هفتن کان عمران خان آرمي چيف ۽ فوج مٿان پنهنجي سڌن حملن ۽ تنقيد کا پاسو ڪندي نظر اچي رهيو آهي ۽ هن توڙي سندس پارٽي طرفان ھاڻي جيڪو بيانيئو سامھون اچي رھيو آھي، ان ۾ هو تحريڪ انصاف جي فوج سان ڇڪتاڻ جي ذميداري ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي تي وجهي رهيا آهن.

جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي ڳالهه ڪجي ته اها پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي، جنهن جي فوج سان ويڙهه ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي. هاڻي هيءَ جنگ ڪيئن ختم ٿي سگھي ٿي، اهو اصل سوال آهي ۽ ڇا ان ويڙهه جي پڄاڻيءَ جو مطلب اهو ھئڻ گھرجي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي جيل مان ڪڍي اقتدار جي ڪرسي تي ويھاري ڇڏي ؟

ڇا جيئن عمران خان چئي ٿو ھن جون فوج سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن اهي ڳالهيون نه ٿيون ٿين ته ڇا تحريڪ انصاف ۽ فوج ۾ ويڙهه هلندي رهندي؟ عمران خان کي سمجهڻو پوندو ته جيڪي تلخيون گذريل ٻن سالن دوران پيدا ٿي چڪيون اھي ھن جي  هڪ بيان سان ختم نٿيون ٿي سگهن. خان صاحب ۽ تحريڪ انصاف کي فوج مخالف پاليسي کان پوئتي ھٽڻو پوندو ۽  ان لاءِ تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين کي پنهنجي پارٽي جي سمورن اڳواڻن کي عام طور تي ۽ پنهنجي سوشل ميڊيا کي خاص طور تي فوج مخالف پروپئگينڊا کان پري رکڻو پوندو ۽ ان لاءِ عمران خان کي خود بيان جاري ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ٿو ۽ ان پاليسي تي عمران خان ۽ سندس پارٽي اڳواڻ ۽ سوشل ميڊيا عمل جا پابند رھن ٿا  فوج پاران بھ هر پريس ڪانفرنس ۽ هر ڪور ڪمانڊر جي اجلاس ۾ فوج پاران اختيار ڪيل سخت موقف ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي

جيڪڏهن عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جا تصديق ٿيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس طرفان فوج ۽ آرمي چيف خلاف پروپئگنڊا جاري رھندي ته پوءِ ٻئي طرف کان تحريڪ انصاف وڳڙي ٽولو ۽ ان جي سوشل ميڊيا کي ڊجيٽل دهشتگردي سان جوڙيو ويندو رھندو.  عمران خان حملا بند ڪري ڇڏي تھ ٻئي طرف کان بھ جوابي حملا بند ٿيڻ جي توقع آھي. پر ان جنگبندي جو مطلب اهو نه هئڻ گهرجي ته اسٽيبلشمينٽ ڪا نئين راند شروع ڪري ڇڏي. مقصد صرف اهو ھجي ته فوج ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي وچ ۾ ويڙهه ختم ٿئي. عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي خلاف جيڪي ڪيس آھن ان جا ميرٽ جي مطابق عدالتون فيصلا ڪن.جيڪي ڪوڙا ڪيس  آھن سي ختم ٿين.ڳالھيون سياسي پارٽين وچ ۾ ٿيڻ گهرجن. اليڪشن بابت تحريڪ انصاف جي شڪايتن جو فيصلو بھ عدالتن جي ذريعي ٿيڻ گهرجي. سياسي مسئلا  سياستدانن جي وچ ۾ حل ٿيڻ گهرجن، عمران خان جيڪڏهن نئين چونڊ چاهي ٿو ته کيس سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هڪ طرف سياستدان سياسي معاملن ۾ فوج ڏانهن ڏسڻ بند ڪري ڇڏين تھ ٻئي طرف فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ پنھنجو پاڻ کي غير سياسي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏي. ان ۾ پاڪستان جو بهترين مفاد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.