پاڪ فوج، ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ شڪايت جي جاچ ڪرڻ کان پوءِ کيس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ سندس فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي.
فوج پاران ڪالهه سومر تي پڌري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽاپ سٽي ڪيس جي جاچ کانپوءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ جي قلمن مطابق ليفٽيننٽ جنرل رٽائرد فيض حميد جي خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.
هاڻي اچو ته اهو معلوم ڪريون ته ٽاپ سٽي ڪيس ڇا آهي؟
اسلام آباد ۾ واقع ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ ڪنور معيز احمد خان نومبر 2023 ۾ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ فيض حميد تي اختيارن جو ناجائز استعمال جو الزام لڳايو ويو هو. معيز احمد خان پنهنجي درخواست ۾ چيو هو ته 12 مئي 2017 تي پاڪستان رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن غنده گردي ڪري هڪ مبينه ڪيس جي سلسلي ۾ ٽاپ سٽي جي دفتر ۽ معيز احمد خان جي رهائش گاهه تي چڙهائي ڪئي ۽ ان جي گهر مان سون، هيرا، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا هئا. درخواست ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو ته ليفيٽننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ڀاءُ سردار نجف ٽياڪڙي ڪئي ۽ مسئلي کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٺاهه کان پوءِ جنرل (ر) فيض حميد معيز خان جي هڪ ويجهي مائٽ جي معرفت ان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ رابطو پڻ ڪيو.
درخواست گذار جي دعويٰ آهي ته ملاقات دوران جنرل (ر) فيض حميد چڙهائي دوران ڦر ڪيل 400 تولا سون ۽ روڪ رقم سميت ٻئي سامان جي واپسي جي حامي ڀري هئي.
ڪنور معيز اها دعويٰ پڻ ڪئي ته آءِ ايس آءِ جي بريگيڊيئر (ر) نعيم فخر ۽ بريگيڊيئر (ر) غفار کيس چار ڪروڙ رپيا نقد ڏيڻ ۽ هڪ خانگي ٽي وي چئنل آپ ٽي وي کي اسپانسر ڪرڻ تي مجبور ڪيو .
سپريم ڪورٽ ۾ ٽاپ سٽي ڪيس جي ٻڌڻي جي دوران ڇا ٿيو هو؟
ان درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين تي ٻڌل بينچ ڪئي هئي. ان بينچ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي خلاف جاچ جو حڪم به ڏنو هو، جنهن کانپوءِ پاڪ فوج اپريل 2024 ۾ جاچ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي.ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ معيز احمد خان جي درخواست تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيِٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ 9 نومبر تي درخواست گذار اڳوڻي ڊي جي، آءِ ايس آءِ ۽ ان جي سهڪارين جي خلاف شڪايت ڪئي هئي ۽ ان جي ازالي لاءِ بچاءِ واري وزير سميت ٻين لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت اها به نشاندهي ڪئي هئي ته درخواست گذار بدنيتي تي ٻڌل ڪيس هلائڻ تي جنرل (ر) فيض حميد ۽ ٻين ريٽائرڊ آفيسرن جي خلاف سول يا فوجداري عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري سگهي ٿو.
(بي بي سي جي ٿورن سان)