صحافي جان محمد مهر جو المناڪ وڇوڙو ۽ انصاف لاءِ اڻ کٽ انتظار!

تحرير: عمر سومرو

اها هڪ حقيقت آهي ته ﷲ پاڪ جنهن کي قابليت ۽ صلاحيتون عطا ڪري، ان کان ڪو به ماڻهو کسي نه ٿو سگهي جان محمد مهر ننڍي ڄمار ۾ 1996ع ۾ پرائمري ۽ بعد ۾ مئٽرڪ جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هڪ ننڍي شهر چڪ ۾ صحافت جي شعبي ۾ پير پاتو بعد ۾ هن ڊگري ڪاليج سکر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم حاصل ڪئي جان محمد کي بظاهر سندس خاندان جي ماڻهن ذاتي دشمني جي بنياد تي منظر تان هٽايو بقول چڪ جي ماڻهن جي ته شير محمد عرف شيرو مهر جيڪو جان محمد جي برادري سان تعلق رکندڙ آهي ان پنهنجي نوجوان پٽ  زبير مهرجي بي رحماڻي قتل جي پلاند ۾ ماريو يا مارايو پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جان محمد مهر جي پائٽي محمود جيڪڏهن شيرو مهر جي پٽ کي قتل ڪيو ته جان محمد هڪ ساڃاهه وند ماڻهو ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ صحافي جي حيثيت ۾ ان ڀائيٽي کي پوليس حوالي ڪرائي ڇڏيو جن متان ڪيس داخل ڪرايو ويو پوءِ جان محمد  شيرو مهر وٽ برادري جي ماڻهن کي موڪليو ٺاھ لاءِ ڪوششون ورتيون ساڻس ملاقات به ڪئي ۽  ان معاملي ۾ هٿ نه هجڻ جي خاطري ڪرائي  پوءِ اٽڪل سان کيس مارڻ، مارائڻ جو ڪهڙو جواز وڃي بچيو! سکر سميت ملڪ جا صحافي دوست هجن يا سياسي سماجي ڌريون هجن جن جان محمد سان وقت گڏ گذاريو  اخبار جي اسٽورين ۾ پڙهيو يا ٽي وي تي ڏٺو، ٻڌو اهي سمجهن ٿا ته جان محمد کي  جنهن طريقي سان ٽارگيٽ ڪري بي دردي سان سکر ۾ 13 آگسٽ 2023 جي رات شهر جي رونق واري علائقي  سکر پريس ڪلب  ۽ ان جي گهر ويجهو لوڪس پارڪ  مڪي مسجد سامهون ۽ منگي پاڙي جي چاڙهي وٽ قتل ڪرڻ يا ڪرائڻ ۾ اهي هٿ ملوث آهن جيڪي هن سماج جا ازلي دشمن آهن جيڪي سماج جو آواز بڻجندڙن کي پنهنجي راهه ۾ ڪنڊو سمجهن ٿا.

شهيدجان محمد مهر چڪ شهر مان ننڍي عمر ۾ سياسي ورڪر کان صحافي بنجڻي پوءِ سکر مان هڪ ناليواري بهادر صحافي جي حيثيت ۾ هميشه مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو آهي هن جي شخصيت سان ڀلي ڪنهن کي اختلاف هجي اهو سندس حق آهي ڇو ته هر انسان ۾  خوبيون ۽ خاميون هجن ٿيون ڪوبه انسان  فرشتو ناهي  هتي ڪو ڪنهن راضي آهي ته ڪو ناراض پر سماج جي بهتري لاءِ جان محمد جو صحافتي پورهيو ناقابل فراموش آهي،

چڪ جيتوڻيڪ ننڍو شهر بڻيل آهي پر سندس پسگردائيءَ ۾ ڪچو ۽ ڳوٺ آهن انڪري هن ڪچي جي خطرناڪ ڌاڙيلن جا انٽرويو بنا ڊپ جي ڪيا،جتي پوليس پهچي نه ٿي سگهي، اتي هو پهچي ويندو هو، سکر سينٽرل جيل جي قيدين جي اسٽوري، ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيل بس ۾ يرغمالين جي باحفاظت آزاد ٿيڻ واري لائيو ڪوريج ۽ انهن جا انٽرويو ڪري هن صحافت ۾ نواڻ وارو ڪم ڪيو جيڪو سندس شهرت جو سبب بڻيا وڏن سياستدانن جا انٽرويو ڪيا، ڪرنٽ اشوز تي ٽاڪ شو شروع ڪيو ائين شهيد جان محمد مهر سکر کان سنڌ، ملڪ ۽ پوري دنيا ۾ جتي جتي سنڌي موجود آهن سنڌي چئنل ڏسجن ٿا اتي مشهور ٿي ويو ان مشهوري جيتوڻيڪ کيس دنياوي عيش عشرت جون سهولتون ۽ فائدا به مهيا ڪيا پر سندس ڳوٺ جي عزيزن کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ زمين جي تڪرار جي نالي ۾ هو  سندس وڇوڙي جا سبب بڻيا،

13 آگسٽ 2023 جي رات هن جي زخمي جي ٿيڻ خبر ٻڌندي جڏهن حرا اسپتال پهتس ته دل بي اختيار روئي رهي هئي اکين مان لڙڪن کي روڪڻ ممڪن نه هو آپريشن ٿيٽر ٻاهران موجود هر ماڻهو سندس حياتي بچڻ جون دعائون پئي گهريون پر سندس وڇوڙو ٿي ويو

اڄ جان محمد شهيد جي پهرين ورسي آهي جنهن وقت کيس ماريو ويو ان وقت کيس ترت ايمرجنسي ٽريٽمينٽ لاءِ اسپتال جي سهولت نه ملي، جنهن اسپتال ۾ نيو ويو اتان جي وائڙي سسٽم  ڪري جان محمد جو گهڻو رت وهي چڪو هو حرا اسپتال تائين پهچڻ سبب گهڻو وقت ضايع ٿي چڪو

ايتري وڏي حيثيت رکندڙ صحافي جنهن جي وارثن سان  ملڪ جا اعلي عهديدار ان جي قتل جي مذمت ڪن قاتل هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جا اعلان ڪن سنڌ جي صوبائي حڪومت رکندڙ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ۽ سندس ڀيڻ شهيد جي گهر اچي دعا گهري، وزير اعلي يا وزير، مشير، اعلي پوليس آفيسر، سياستدان گهر ۾ اچي وارثن ۽ صحافين سان تعزيت ڪن ان ماڻهوءَ جو قتل ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ڪيس هلي  عدالت جي حڪمن باوجود به ايف آئي آر ۾ نامينيت قاتل هڪ سال 365 ڏينهن گذري وڃڻ  کانپوءِ به گرفتار نه ڪيا وڃن رڳو اصل جوابدارن جي سھولتڪاري جي  الزام هيٺ گرفتاريون ڪري ڪمائي جو ڌنڌو ۽ فريادين جي جذبن سان کيڏڻ جو سلسلو جاري آهي اهو ڪيڏو نه اذيت ڏيندڙ عمل آهي نه رڳو ايترو سکر جي صحافي برادري سکر يونين آف جرنلسٽ جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾  پنهنجي شهيد ساٿي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پهچائڻ لاءِ 7 مهينا لاڳيتو ڊگهي احتجاجي تحريڪ هلائي ملڪي تاريخ ۾ ريڪارڊ قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ سکر پريس ڪلب ۽ ان سان جڙيل سمورين صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سمورن ميمبرن جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي ان سان گڏوگڏ

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ سکر پريس ڪلب جي روح روان لالا اسد پٺاڻ ۽ ٻي مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ ڪراچي سي ايم هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو وڃي، ملڪ گير احتجاج ڪيو وڃي، ڪارا ڏينهن ملهايا وڃن احتجاج جاري رکيا ويا هجن تنهن هوندي به قاتل گرفتار نه ٿيڻ ڪيڏو نه شرم ناڪ عمل ۽ حڪمرانن لاءِ لمحه فڪر آهي ڪاوش ۾ روزانو جي بنياد تي ڏينهن لکي جان محمد مهر شهيد جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي جيڪو جس لهڻو عمل آهي  ميڊيا جا ٻيا ادارا به  جان محمد شهيد هجي يا شهيد نصرﷲ گڏاڻي، ٿيل ظلم خلاف ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ پنهنجي وس آهر ڪردار نڀائين پيا، ساڳي ريت عوامي آواز به شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي واقعي تي ڪردار نڀائي نئين روايت کي قائم رکيو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.