رتوديرو(پ ر) رتي ديري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي باڊي جو اهم اجلاس چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ جسقم مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو، جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، ياور مهيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي اندر پارٽي جوڙڻ جو نوٽيس ورتو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي غير واسطيدار ماڻهن جنهن ۾ پاڪستان روادار تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو سان گڏجي پارٽي خلاف غير آئيني، غير اصولي سرگرميون ڪري پارٽي اندر پارٽي ٺاهڻ جي ڏوھ ۽ آئيني ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ گروھ بندي سبب جسقم واضح ڪري ٿي ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان جسقم جو ڪو به واسطو ناهي، پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي پارٽي ٺاهڻي آهي ته ڀلي وڃي پنهنجي وڏن جي نالي سان پارٽي ٺاهي، باقي جسقم شهيد جي پارٽي آهي، ان جي رت ۽ ست مان ٺهيل پارٽي آهي، صنعان خان قريشي چيو ته پارٽي خلاف جيڪو سازش ڪندو ان جي رستا روڪ ڪئي ويندي ۽ جسقم ڪارڪن پاڻ کي اهڙي مهم جوئي کان بچائي رکن