اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان غزا ۾ التابين اسڪول تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اوڀر غزا ۾ التابين اسڪول تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، حملي ۾ 100 کان وڌيڪ شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ اسڪول تي فجر جي نماز دوران حملو ڪيو ويو. پرڏيهي ترجمان موجب اسڪول تي حملو غير انساني ۽ بزدلاڻو فعل آهي. شهري آبادين کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ جنگي ڏوهه آهي. اسرائيل کي جنگي ڏوهن ۽ غزا ۾ نسل ڪشي لاءِ جوابده هجڻ گهرجي. عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون غزا جي تحفظ لاءِ فوري اپاءَ وٺن.