فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس: پير اسد شاهه، پير فياض ۽ حنا شاھ تي فرد جرم لاڳو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻُڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي، جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو، راڻيپور جي اڳوڻي ايس ايڇ او جو نالو عدالت جي حڪم تي ڪيس مان خارج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾  فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻُڌڻي دوران ڪيس جا مُک جوابدار پير اسد شاھ پير فياض شاھ، بي بي حنا شاھ ۽ امتياز ميراثي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ڊرائيور اعجاز قاضي کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻُڌڻي دوران ڪيس جو چارج فريم ٿيو جنهن بعد عدالت جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏھن ته اڳوڻي ايس ايڇ او امير چانگ پاران هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست جو فيصلو اچڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪمن تي سندس نالو ڪيس مان جوابدار طور خارج ڪيو ويو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻُڌڻي تي ڪيس جي شاهدن ۽ گواهن جا بيان پڻ ورتا ويندا ۽ ٻُڌڻي دوران ڪيس جا فريادي فاطمه ڦرڙو جا والدين عدالت ۾ پيش نه ٿيا، صرف سندن وڪيل صفدر ڪناسرو عدالت ۾ پيش ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.