يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ 5 رپيا ڪلو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن  موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم رليف پيڪيج تحت کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم پيڪيج تحت فراهم ڪيل کنڊ يوٽيلٽي اسٽورن تي 114 رپيا في ڪلو تائين ملندي. ساڳي ريت غير سبسڊي واري کنڊ به صارفين لاءِ وڌيڪ مهانگي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي عام صارفين لاءِ کنڊ جو اگهه 160 رپيا في ڪلوگرام مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.