قومي اسيمبلي ٽوڙي حڪومت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو؟

اسلام آباد (فخر دراني): اسلام آباد جي ايوانن ۾ اها ڳالهيون وڌي ويون آهن ته ايندڙ ٻن مهينن اندر اسيمبليون ٽوڙي ڊگهي عرصي لاءِ قومي ۽. ٽيڪنوڪريٽ حڪومت  آڻڻ جي تياري ٿي رهي آهي. ذريعن موجب عدليه وسيلي ايندڙ ٻن مهينن ۾ موجودہ حڪومت کي ختم ڪري نئون سيٽ اپ آندو ويندو. هاڻي سياستدانن به ان حوالي سان بيان ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ ان حوالي سان چيو آهي ته ايندڙ ٻن مهينن اندر هي حڪومت ختم ٿي ويندي، نگران حڪومت ايندي ۽ عدليه سمورن معاملن تي حاوي رهندي. اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ جي رٽائرمنٽ کانپوءِ جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻجندو جنهن جو جهڪاءُ پي ٽي آءِ ڏانهن هوندو. چيو وڃي ٿو ته جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻجڻ لاءِ هوم ورڪ ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 09 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.