تاريخ ته شهيد نذير عباسيءَ جو پلاند وٺي ڇڏيو آهي

اڄ ڪامريڊ نذير عباسي جي آهي. يعني ان تاريخ تي ڪامريڊ جي شهادت ۽ تدفين جي خبر عام ٿي هئي، اهو ممڪن آهي ته سندس شهادت جي اصل تاريخ هڪ ٻه ڏينهن اڳ جي هجي. ڪامريڊ شهيد نذير عباسيءَ جو ڪيس اڃان تائين ڪيترن ئي حوالن سان پراسرار ۽ لڪيل آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب ”روشنيءَ جي پنڌ ۾ “ جي خاص ڳالهه اها به آهي ته ان ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لاهور قلعي ۾ گهاريل اسيري وارن ڏينهن ۽ اتي کانئس جيڪا پڇا ڳاڇا ٿي، جيڪي سوال ڪيا ويا ۽ هن جيڪي جواب ڏنا تن جو تفصيلي ۽ قيمتي احوال پڻ ملي ٿو. اهو پڇا ڳڇا وارو مليل مواد پڙهي پاڻ کي اڄوڪي تاريخ تي شهيد نذير عباسي جي ٽارچر سيل ۾ ٿيل شهادت جي معلومات جي ڪميءَ جو تمام گهڻو احساس ٿئي ٿو. اهڙي ضرورت جو احساس سڀ کان اڳ ۾ انور پيرزادي صاحب پنهنجي مشهور ڪالم ”متان وساريو“ ۾ شهيد جي ورسي جي موقعي تي ڏياريو هو ۽ ان ڏينهن گلشن حديد ۾ سال 2006ع ۾ ٿيل ورسي ۾ پڻ هڪ تقرير ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو ته جيئن آمريڪا 30 سالن کانپوءِ پنهنجا ڳجها سياسي دستاويز ظاهر ڪندي آهي تيئن اسان جي رياست کي به گهرجي ته اها اسان کي شهيد نذير عباسيءَ بابت معلومات ڏئي ته ساڻس ٽارچر سيل ۾ ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو هو. کانس ڪهڙا سوال پڇيا ويا ۽ هن ڪهڙا ۽ ڪئين جواب ڏنا. هن بهادر سنڌي ڪميونسٽ موت جي منهن ۾ ڪيئن behave ڪيو، موت جيڪو انسان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي ان کي هن ڪيئن منهن ڏنو، هن جا آخري لفظ ڪهڙا هيا اها معلومات انهن ماڻهن کي هاڻي عام ڪرڻ گهرجي جن هن کي شهيد ڪيو هو. ان سان تاريخ جو رڪارڊ درست ٿيندو“.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي  جيئن ته لاهور جي شاهي قلعي مان زنده شهيد ٿي وريو هو تنهن ڪري هو پنهنجي ڪٿا جيئري لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو پر ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي اهڙو موقعو نه ملي سگهيو. شهيد نذير عباسيءَ جو لاش جڏهن پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڪراچيءَ نيو ويو هو ته اتي اتفاق سان هڪ اهڙو سنڌي ڊاڪٽر موجود هو جنهن نذير عباسي کي سڃاڻي ورتو ۽ هن ان لاش کي ڏسي ڪري جيڪي آف دي رڪارڊ انڪشاف ڪيا تن مان اها پهرين ثابتي ملي ته مٿس جسماني ٽارچر ٿيل هو ۽ ان ٽارچر وگهي هو شهيد ٿي ويو هو. ان کان علاوه شهيد نذير عباسي بابت اهڙي معلومات شهيد جي وني ڪامريڊ حميده گهانگهرو ۽ سندس سياسي ساٿين وٽ به آهي. اهڙي معلومات مختلف اخباري بيانن، مضمونن، ڪالمن ۽ خاص ڪري شهيد نذير عباسيءَ تي سندس ڌيءَ زرقا عباسي جي سيهڙيل ڪتاب ”جنهن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو“ ۾ گهڻي ملي ٿي.

بهرحال جيڪي ماڻهو شهيد نذير عباسي جي ”عظيم سياسي تاريخ“ بڻجڻ کان خوف زده هيا تن کي هاڻي هٿ مٿي کڻي اها حقيقت مڃڻي پوندي ته شهيد نذير عباسي کي ڳجهي نموني شهيد ڪري ۽ دفن ڪرائڻ باوجود اهي ڪامريڊ شهيد نذير عباسي جي تاريخ ٺهڻ واري عمل جي رستا روڪ نه ڪري سگهيا. جڏهن اهي رهزن شهيد نذير عباسيتي ٽارچر سيل ۾ وحشياڻيو تشدد ڪري رهيا هيا ۽ جڏهن اهي پاڻ کي بي تاج بادشاهه سمجهي رهيا هيا تڏهن کين ذرو به اندازو نه هوندو ته ڪو مستقبل ۾ کانئن هن خون جو ڪو حساب ڪتاب به ورتو ويندو پر تاريخ ايئن ڪري ڏيکاريو آهي. تاريخ شهيد نذير عباسي جي قاتل کي عوام جي عدالت ۾ بيهاري کائنس حساب ڪتاب ڪري چُڪي آهي.

ڪجهه سال اڳ شهيد نذير عباسي جي ٽارچر سيل جي انچارج يعني سندس قاتل بريگيڊيئر امتياز عرف ٻلي کان لڳ ڀڳ هر ٽي وي چئنل تان انتهائي جارهاڻي انداز ۾ اينڪر شهيد نذير عباسي جي شهادت بابت سوال پڇي رهيا هيا ۽ سندس چهرو پگهر ۾ شل ٿيندو پئي ويو ته اهو ڇا هو، اهوئي ته تاريخ جو پڇاڻو ۽ حساب ڪتاب هو جيڪو سرعام ٽي وي ذريعي عوام کي ڏيکاريو پئي ويو، اهائي ته عوامي عدالت هئي. برگيڊيئر امتياز لاءِ ان کان وڏي سزا ڀلا ٻي ڪهڙي هجي. موت جي سزا کان ته وڏي سزا اها ئي آهي ته برگيڊيئر امتياز جيسيتائين جيئرو هوندو تيستائين ميڊيا واري تاريخ کانس شهيد نذير عباسي جو قاتل سمجهي ايئن ئي پڇا ڳاڇا ڪندي رهندي ۽ سندس پيشاني تان ندامت ۽ خوف جا پگهر وهندا رهندا جيڪي سڪڻ جو نانءُ ئي نه وٺندا. امتياز ٻلي سان تازو مڪافات عمل جو پڻ هڪ عبرت ناڪ واقعو ميڊيا تي ظاهر ٿيو آهي ته سندس پٽ کيس خوار ۽ رسوا ڪري گهر مان تڙي ڪڍيو آهي. ميڊيا تي اهو واقعو رپورٽ ڪندي به هر ڪنهن جي زبان کيس شهيد نذير عباسي جي قاتل طور بيان ڪيو ۽ ان رسوائي کي سندس طرف شهيد نذير عباسي تي ڪيل تشدد ۽ ڪيترن ئي ڪيل ظلمن جو بدلو قرار ڏنو.

ٻئي پاسي جنهن شهيد نذير عباسي کي اڪيلو سمجهي ڪري مٿس بزدلاڻو وار ڪيو ويو تنهن کي تاريخ هڪ عظيم رتبو عطا ڪيو آهي ۽ تاريخ جي انتهائي اتاهين مقام تائين رسايو آهي جڏهن ته امتياز ٻلو جو حشر هجي يا آمر ضياءَ الحق هجي کين عبرت ناڪ انجام مليو آهي.

تاريخ ۾ زنده رهڻ هر ڪنهن جي وس جي به ڳالهه ناهي. تاريخ هميشه نظرياتي، عوامي ۽ انقلابي ماڻهو ٺاهيندا آهن جيڪي عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. ڪامريڊ شهيد نذير عباسي هڪ عظيم انقلابي نظريي سان سلهاڙيل هو ۽ هن پنهنجي زندگي ان انقلابي نظريي کي منسوب ڪئي ته سندس وجود ۽ نالو هميشه لاءِ زنده ٿي ويو آهي. هاڻي هو هر دور ۾ جيئندو ۽ هر دور ۾ سندس زندگي کي ملهايو ويندو، شهيد نذير عباسي واقعي به ساهه ڏئي ويساهه ڏئي ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.