پاڪستاني ٻارڙن ۾ مقبول رانديڪڙو“ٽڪ ٽڪ” جو پس منظر

پاڪستان ۾ ٻارڙا اڄڪلهه ”ٽڪ ٽڪ“ راند ڪندي لطف اندوز ٿيندي نظر ايندا رهندا آهن، هي پلاسٽڪ جا 2 ننڊا بال هڪ داڳي سان جڙيل هوندا آهن، جن کي ٽڪرائڻ سان “ٽڪ ٽڪ” جي آواز نڪرندي آهي. دراصل هي امريڪي رانديڪڙو آهي، جنهن کي ڪليڪر ٽوائي "Clicker Toy” چئبو آهي.

اڪثر گهٽين، چوڪ چوراهن تي ٻارڙا ٽڪ ٽڪ واري راند ڪندي نظر ايندا رهندا آهن ۽  ڪجهه هنڌن تي ٻارن جا ٽولا ٽڪ ٽڪ واري راند جو مقابلو ڪندي به نظر ايندا آهن. مقابلي ۾ بالن کي ٽڪرائڻ واري عمل کي گهڻي دير تائين جاري رکڻو هوندو آهي، جيڪو ٻار ڪاميابيءَ سان ان عمل کي تمام گهڻي وقت تائين جاري رکندو آهي اهو راند کٽي ويندو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، هي رانديڪو بظاهر سائنس جي بنيادي اصولن جهڙوڪ انرجي، مومينٽم ۽ فريڪشن جهڙي بنيادي اصولن تحت ٺاهيو ويو آهي،

جنهن ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ٻن بالن کي هڪ خاص رفتار سان هٿ جي آڱر ذريعي مسلسل اڇلايو ويندو آهي، جيئن ئي بال ٽڪرائڻ شروع ڪندا آهن ته “ريدهم” ٺهيندو آهي

جتي ٻار ٽڪ ٽڪ راند مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن ٻئي طرف والدين ٽڪ ٽڪ جي شور کان پريشان ٿيندي به نظر اچن ٿا.

پس منظر

هن راند کي اصل ۾ "Clicker Toy” سڏيو ويندو آهي. هي رانديڪو 1960ع ۾ آمريڪا ۾ ٺاهيو ويو ۽ 1970ع کان پوءِ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو.  عام طورهي بال ڪاٺ يا واري ڌاتو مان ٺاهيا ويندا هئا پر هاڻ سخت پلاسٽ جي استعمال ۽ گهڻي آواز سبب وڌيڪ مشهور ٿي ويوآهي، هي رانديڪو هڪ هٿيار وانگر هو جنهن کي بوليڊورس سڏيو ويندو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۾ رانديڪن جي حفاظت جي ذميواري ايف ڊي اي وٽ هئي. 1966 ع جي هڪ ايڪٽ تحت ايف ڊي اي کي اختيار ڏنو ويو هو ته خطرناڪ رانديڪن تي پابندي لڳائي وڃي، جنهن ۾”Clicker Toy” رانديڪو به شامل هو،

جڏهن ته 1974 ع ۾ يو ايس مارشل سروس 50,000  "Clicker Toy” جي رانديڪن کي ضبط ڪيو هو، جنهن بعد Ace Novelty  نالي هڪ ڪمپني عدالت سان رابطو ڪيو هو ۽ رانديڪي جي اجازت لاءِ اپيل ڪئي هئي پر عدالت "Clicker Toy” کي مڪينيڪل خطرو قرار ڏئي ڇڏيو هو.

بهرحال هن وقت مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ رانديڪو پراڻين رانديڪن کان مختلف آهي، جنهن جي ڀڃڻ جو خطرو گهٽ آهي پر هي رانديڪو هٿ مان نڪرڻ ۽ ڪنهن کي لڳڻ سبب نقصان پهچائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.